هن وقت دنيا توانائي جي هڪ اهم بحران مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ عالمي خام تيل جي فراهمي، قيمتن ۽ رسد ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليون سڄي دنيا جي معيشت، صنعتن ۽ عام صارفين تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. تيل جو عالمي بحران صرف تيل جي کوٽ جو نالو ناهي، پر اهو عالمي سياست، معاشي حالتن، پيداوار، ترسيل ۽ توانائي پاليسين سان لاڳاپيل ڪيترن ئي عنصرن جو گڏيل نتيجو آهي.
عالمي تيل مارڪيٽ ۾ طلب ۽ فراهمي جو توازن انتهائي اهميت رکي ٿو. جڏهن تيل جي طلب تيزي سان وڌي ٿي ۽ پيداوار ان رفتار سان نٿي وڌي، تڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون مٿي وڃن ٿيون. ان کان علاوه وچ اوڀر، روس، يوڪرين ۽ ٻين تيل پيدا ڪندڙ علائقن ۾ جنگ يا سياسي ڇڪتاڻ پڻ عالمي مارڪيٽ کي سڌو متاثر ڪري ٿي. ويجهڙ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ آبنائي هرمز بابت خدشن صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي وڏي مقدار ۾ تيل جي ترسيل هن سامونڊي رستي ذريعي ٿيندي آهي. اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس جا ميمبر ملڪ به پنهنجي پيداوار گهٽائي يا وڌائي عالمي تيل جي قيمتن تي اثر وجهن ٿا. ان سان گڏ سامونڊي طوفان، زلزلا ۽ ٻيون قدرتي آفتون به تيل جي پيداوار ۽ ترسيل کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، جنهن سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌي وڃن ٿيون، ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ صنعتن جي پيداواري لاڳت به وڌيڪ ٿي وڃي ٿي.
تيل جي بحران سبب دنيا جا ڪيترائي ملڪ هاڻي شمسي، هوائي، آبي ۽ ٻين قابلِ تجديد توانائي جي ذريعن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن. ماضي ۾ به دنيا ڪيترائي تيل جا بحران ڏٺا آهن. 1973ع ۾ عرب ملڪن طرفان تيل جي پابندي سبب عالمي قيمتون ڪيترائي ڀيرا وڌي ويون. 1979ع ۾ ايران جي انقلاب کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي شديد کوٽ پيدا ٿي. 2022ع کان روس-يوڪرين جنگ عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي، جنهن جا اثر اڄ به محسوس ڪيا پيا وڃن.
البته روزاني بنيادن تي پيٽرول جي قيمتن جو تعين صرف پاڪستان تائين محدود ناهي. ڀارت ۾ به ڪيترن ئي شهرن ۾ قيمتون روزانو اپڊيٽ ٿين ٿيون، جڏهن ته آسٽريليا، برطانيا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آزاد منڊي موجب پيٽرول پمپ روزانو يا ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا به قيمتون تبديل ڪري سگهن ٿا. ان جي ابتڙ سعودي عرب، ڪويت، قطر، ايران ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ حڪومت قيمتن تي سڌو ڪنٽرول رکي ٿي، تنهن ڪري اتي قيمتن ۾ تبديلي عام طور مهيني يا مقرر وقفي سان ڪئي ويندي آهي.
تازن عالمي انگن اکرن موجب، ايران، ليبيا، وينزويلا، الجزائر ۽ ڪويت ۾ پيٽرول سڀ کان سستو آهي، جتي سرڪاري سبسڊي ۽ وڏي مقامي پيداوار سبب قيمتون گهٽ آهن. جڏهن ته هانگ ڪانگ، آئس لينڊ، نيدرلينڊ، ڊينمارڪ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ وڌيڪ ٽيڪسن ۽ ماحولياتي پاليسين سبب پيٽرول دنيا ۾ سڀ کان مهانگو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هر تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ۾ پيٽرول سستو ناهي. مثال طور ناروي وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ هجڻ باوجود ڳرن ٽيڪسن سبب دنيا جي مهانگن ملڪن ۾ شامل آهي.
پاڪستان اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ آمدني جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. گهڻن ملازمن جون پگهارون سندن خرچن کان گهٽ آهن ۽ لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عالمي تيل بحران جا اثر پاڪستان ۾ وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيا وڃن ٿا.