ٽرمپ جو يوٽرن، سعودي سان جوهري معاهدو ابراهيمي ٺاهه ۾ شموليت سان مشروط

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان ٿيندڙ سول جوهري معاهدي کي ابراهيمي معاهدي ۾ سعودي عرب جي شموليت سان مشروط ڪري ڇڏيو. ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪي توانائي کاتي ۽ سعودي عرب وچ ۾ طئي ٿيل سول جوهري معاهدي تحت ڪنهن به قسم جي يورينيم رچائڻ جي اجازت نه هوندي. هن چيو ته اهو پروگرام رڳو پرامن ۽ غير فوجي مقصدن لاءِ هوندو، جيئن ايران، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين ملڪن جا سول جوهري پروگرام آهن. معاهدي جي منظوري ضرور ڏني ويندي، پر ان جو بنيادي شرط اهو هوندو ته سعودي عرب عزت ۽ احترام سان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿئي .ٻئي پاسي آمريڪي اخبارن موجب، معاهدي جي مدي 30 سال هجڻ ۽ ان جي ماليت ڪيترن ئي ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان لاءِ اڃا آمريڪي ڪانگريس جي منظوري گهربل آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب جو براهمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هڪ تاريخي قدم هوندو. ايڪس تي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران خلاف آمريڪا-اسرائيلي فوجي آپريشن ۽ اسرائيل پاران ايران جي حمايت يافته دهشتگرد نيٽ ورڪ کي سخت نقصان پهچائڻ کان پوءِ، امن جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جو هڪ نئون موقعو پيدا ٿيو آهي.بهرحال، اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سول ايٽمي معاهدي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو.

You might also like