ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ملير بار ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ وڪيل برادري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي پنجاب پاران نوان ڪئنال ٺاهڻ جون رٿائون ۽ آزمائشي بنيادن تي پاڻي وهائڻ جو عمل نه رڳو 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۽ آئين جي روح جي ابتڙ آهي پر سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ لکين ماڻهن جي روزگار تي سڌو حملو آهي. هن چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي حياتي آهي ۽ ان جي پاڻي تي پهريون حق هيٺئين وهڪري واري صوبي سنڌ جو آهي. جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي زبردستي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ته ان جا خطرناڪ اثر سنڌ جي زراعت، ڊيلٽا، سامونڊي پٽي، ماحوليات ۽ پيئڻ جي پاڻي تائين پهچندا. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اقتدار ۾ هجڻ باوجود عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، امن امان ۽ بلدياتي نظام سميت هر شعبي ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن عام ٿي چڪي آهي. اربين رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ بدران ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن هن وڪيل برادري کي اپيل ڪئي ته هو آئين، جمهوريت، انساني حقن ۽ وفاقي وحدتن جي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته سنڌ جي بقا، پاڻي ۽ وسيلن جو تحفظ ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو نه پر سموري سنڌ جي عوام جو گڏيل قومي مسئلو آهي. آخر ۾ سيد زين شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي تعمير ۽ سنڌ جي پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف پنهنجي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکندي