ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه چوماسي برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي صوبي جي سموري انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
پي ڊي ايم اي سنڌ 23 ضلعن لاءِ موسمياتي ايڊوائزري جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته اڄ کان 25 جولاءِ تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان، هلڪي ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برساتن ۽ جو امڪان آهي.
ايڊوائزري موجب، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ گجگوڙ سان مِينهَن جو امڪان آهي، جڏهن ته سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، مٽياري، ڄامشورو ۽ نوابشاهه ۾ پڻ وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور به برساتن کان متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم جهڙالي رهڻ سان گڏ هلڪي برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ مان ايندڙ طاقتور چوماسي هوائن جو سلسلو سنڌ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ برساتن جا امڪان وڌي ويا آهن.
ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته سمورن ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي انتظاميا، مڪاني ادارا ۽ امدادي ادارا مڪمل طور تي تيار رهن.
هن آبپاشي کاتي، صحت کاتي ۽ ريسڪيو ادارن کي به هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برساتن دوران پاڻي جي نيڪال جو نظام فعال رکيو وڃي ۽ انساني جانين جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جي اڳڪٿي، وڏي وزير جو صوبائي انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم
You might also like