جافنا ڪنگز جو هڪ مالڪ گرفتار ٻيو گم، فرنچائز جو لنڪا پريميئر ليگ ۾ معاهدو ختم

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سري لنڪا ڪرڪيٽ ۽ انوويٽو پروڊڪشن گروپ(آءِ پِي جِي) لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) جي فرنچائز جافنا ڪنگز سان ٿيل معاهدو مالي ذميواريون پوريون نه ڪرڻ سبب ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فرنچائز مالڪن معاهدي تحت مالي شرطون پوريون نه ڪيون، جنهن کانپوءِ جافنا ڪنگز سان لاڳاپيل سمورا حق ٻيهر آءِ پِي جِي حوالي ڪيا ويا آهن.
رپورٽن موجب، هاڻي سري لنڪا ڪرڪيٽ ۽ آءِپي جي گڏجي ٽيم جا سمورا انتظام سنڀاليندا.
معاهدي جي خاتمي جو فيصلو ٽورنامينٽ دوران ان وقت سامهون آيو، جڏهن فرنچائز جو هڪ مالڪ گرفتار ٿيو، جڏهن ته ٻيو مالڪ گم ٿي ويو.
ان ڏس ۾ آءِ پي جي جي سي اي او انيل موهن جو چوڻ آهي ته لنڪا پريميئر ليگ جي ساک ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اهو فيصلو ضروري هو.
هن خاطري ڪرائي ته رانديگرن جا معاهدا، عملي جون ذميواريون ۽ ٽيم جا سمورا انتظام بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندا.
هن وڌيڪ چيو ته جافنا ڪنگز ساڳئي نالي سان ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندي رهندي ۽ نه ئي اسڪواڊ، ميچ شيڊيول يا ٽورنامينٽ جي فارميٽ ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڀانوڪا راجاپڪسا جي قيادت هيٺ جافنا ڪنگز هن سيزن ۾ هينئر تائين 3 مان 2 ميچون کٽي چڪي آهي، جڏهن ته لنڪا پريميئر ليگ 17 جولاءِ کان 8 آگسٽ تائين جاري رهندي.

You might also like