ٽرمپ سعودي عرب سان جوهري معاهدو ابراهيمي معاهدي ۾ شموليت سان مشروط ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان ٿيندڙ سول جوهري معاهدي کي ابراهيمي معاهدي ۾ سعودي عرب جي شموليت سان مشروط ڪري ڇڏيو.
ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ٽرمپ چيو ته آمريڪي توانائي کاتي ۽ سعودي عرب وچ ۾ طئي ٿيل سول جوهري معاهدي تحت ڪنهن به قسم جي يورينيم رچائڻ جي اجازت نه هوندي.
هن چيو ته اهو پروگرام رڳو پرامن ۽ غير فوجي مقصدن لاءِ هوندو، جيئن ايران، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين ملڪن جا سول جوهري پروگرام آهن.
ٽرمپ واضح ڪيو ته معاهدي جي منظوري ضرور ڏني ويندي، پر ان جي بنيادي شرط اها هوندي ته سعودي عرب عزت ۽ احترام سان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿئي.
ٻئي پاسي آمريڪي اخبارن موجب، معاهدي جي مدي 30 سال هجڻ ۽ ان جي ماليت ڪيترن ئي ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان لاءِ اڃا آمريڪي ڪانگريس جي منظوري گهربل آهي.
هوڏانهن اسرائيلي اپوزيشن ان معاهدي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
اڳوڻي اسرائيلي بچاءَ واري وزير اويگڊور ليبرمين چيو آهي ته هر فوجي جوهري پروگرام جي شروعات سول جوهري پروگرام سان ٿيندي آهي، تنهن ڪري سعودي عرب کي اهڙي سهولت ڏيڻ خطي ۾ جوهري هٿيارن جي ڊوڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

You might also like