نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نوجوانن جي شديد احتجاج کانپوءِ امتحاني پيپر ليڪ ۾ ملوث ماڻهن کي جلد ۽ سخت سزا ڏيڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مودي چيو ته نوجوانن جي ڀلائي ۽ سندن مستقبل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پيپر ليڪ ۾ ملوث ماڻهن کي فوري ۽ سخت سزا يقيني بڻائڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وينديون ۽ جيڪي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏندا، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو.
ٻئي پاسي نوجوانن جي جماعت ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي ترجمان اشوتوش رانڪا مودي جي اعلان کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته حڪومت هڪ مهيني کان وڌيڪ احتجاج کانپوءِ معاملي جو نوٽيس ورتو، پر اصل سوال اهو آهي ته پيپر ليڪ آخر ڇو ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پيپر ليڪ جو بنيادي سبب تعليم واري نظام ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن آهي، تنهن ڪري تعليم واري وزير ڌرميندر پردهان جي استعيفيٰ تائين احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو.
جين زي ڀارتي حڪومت کي جهڪائي ڇڏيو ، پيپر ليڪ ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ملندي، مودي جو اعلان
You might also like