ٽماٽو عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر، پنج سئو رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايراني ٽماٽن جي ترسيل باوجود عوام کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٽماٽن جون قيمتون وڌيڪ وڌي 450 کان 500 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، شهر ۾ ڪيترائي واپاري ايراني ۽ ڪوئيٽا جا ٽماٽا 450 کان 500 رپيا في ڪلو، جڏهن ته 110 کان 125 رپيا في پاءُ جي حساب سان وڪرو ڪري رهيا آهن.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه واپاري ننڍي سائيز ۽ ڪچا ٽماٽا به 400 رپيا في ڪلو جي اگهه تي وڪڻي رهيا آهن.

You might also like