ميٽا واٽس ايپ جي ويب ورزن ۽ ونڊوز ايپ لاءِ هڪ نئون ۽ ڪارائتو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار هاڻ پي ڊي ايف فائلون ڊائون لوڊ ڪرڻ کانسواءِ سڌو سنئون ڏسي سگهندا.
ميٽا موجب، واٽس ايپ ويب ۽ ونڊوز ايپ ۾ ايڊوب ايڪروبيٽ جي سپورٽ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن سان پي ڊي ايف فائلون چيٽ اندر ئي کولي پڙهي سگهجن ٿيون.
نئين فيچر سان واهپيدار رڳو فائل ڏسي ئي نه سگهندا، پر ان تي هاءِ لائٽ ڪرڻ، نوٽس (Annotations) شامل ڪرڻ ۽ ٻيون بنيادي ايڊيٽنگز به ڪري سگهندا.
ان کان اڳ واٽس ايپ تي موصول ٿيندڙ پي ڊي ايف فائل کولڻ لاءِ ان کي پهرين ڊوائيس ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ لازمي هوندو هو، پر هاڻي اها ضرورت ختم ٿي وئي آهي.
ميٽا ٻڌايو آهي ته اهو فيچر سڄي دنيا جي واٽس ايپ ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ استعمال ڪندڙن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان دوران چيٽس ۽ پي ڊي ايف فائلن کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ به حاصل رهندو.
ڪمپني موجب، آءِ پيڊ واهپيدار هاڻ سڌو سنئون نئون واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهي سگهندا، جڏهن ته ڪار پلي ۽ اينڊرائيڊ آٽو لاءِ به ايپ کي نئين ڊيزائن سان پيش ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ هاڻ واهپيدار واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ مختلف ميوزڪ سروسز تان سڌو سنئون گانا به شيئر ڪري سگهندا.
واٽس ايپ تي پي ڊي ايف فائلون ڊائون لوڊ کانسواءِ اوپن ۽ ايڊٽ ٿينديون، ڪيئن؟ طريقو ڄاڻيو
You might also like