بلاول جي تنقيد جو جواب، مريم اورنگزيب پنجاب جي شهرن جون وڊيوز جاري ڪري ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سوالن تي پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب صوبي جي مختلف شهرن جون وڊيوز جاري ڪري ڇڏيون.
آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو پنجاب جي مختلف شهرن جي صورتحال تي سوال ُاٿاريا هئا، جنهن تي مريم اورنگزيب سوشل ميڊيا تي وڊيوز جاري ڪيون.
مريم اورنگزيب انهن ئي شهرن جون وڊيوز شيئر ڪيون، جن جو ذڪر بلاول پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي ته پنجاب ۾ روڊن، گهٽين ۽ صفائي جي صورتحال بهتر بڻائي وئي آهي.
هن خاص طور وهاڙي ۽ قصور بابت بلاول جي تنقيد جو جواب ڏيندي انهن شهرن جي روڊن، گهٽين ۽ صفائي جي انتظامن جون وڊيوز جاري ڪيون.

You might also like