لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 2027ع ۾ پنج ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 15 کان 26 مئي 2027ع تائين کيڏي ويندي، جيڪا آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع جي تيارين جو اهم حصو هوندي.
شيڊيول موجب پهرين ون ڊي 15 مئي تي سائوٿمپٽن، ٻي 19 مئي تي مانچسٽر، ٽِين 21 مئي تي ليڊز، چوٿين 23 مئي تي چيسٽر لي اسٽريٽ ۽ پنجين ۽ آخري ون ڊي 26 مئي تي ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع، 4 آڪٽوبر کان 21 نومبر تائين ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو.
هن وقت آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان پنجين ۽ انگلينڊ ستين نمبر تي موجود آهي.
ياد رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو 2021ع ۾ ون ڊي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪيو هو.
You might also like