ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ بار ڪائونسل پريا ڪماري ۽ سنڌ جي ٻين مغوي ٻارن جي بازيابيءَ ۾ ناڪامي ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف پوليس ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سڀاڻي 24 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ (هڙتال) جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين بئريسٽر اشتياق احمد ميمڻ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي قائم مقام چيئرمين عبدالرزاق مهر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارن جي ڪيترن ئي سالن کان بازيابي نه ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي ۽ لاڳاپيل ادارا سندن محفوظ بازيابي کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
بيان ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارن جي بازيابي لاءِ ويٺل پرامن ڌرڻي تي رات دير سان پوليس ڪارروائي جي به سخت مذمت ڪئي وئي.
بار ڪائونسل موجب، ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن، جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن، کي بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي يا ايف آءِ آر جي گرفتار ڪيو ويو.
سنڌ بار ڪائونسل وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، وفاقي قانون واري وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارن جي ترت بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي، گرفتار احتجاج ڪندڙن بابت تفصيل ظاهر ڪيا وڃن، کين قانوني حق فراهم ڪري ناجائز طور گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ بار ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته لاڳاپيل ادارن جي مسلسل ناڪامي خلاف احتجاج طور جمعي 24 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبي جي سمورين بار ايسوسيئيشنن ۽ وڪيل برادري کي هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي.
ٻٻرلوءِ ۾ پوليس ايڪشن خلاف وڪيل برادري به سراپا احتجاج، سنڌ بار ڪائونسل جو عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان
You might also like