ڪراچي: سعيد غني جي اعلانن تي عمل نه ٿيو، سيسي جي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جي والدين جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيسي جي وليڪا اسپتال ٻاهران ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جي والدين احتجاج ڪندي حڪومت کان اعلانيل سهولتن تي فوري عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي.
متاثر ٻارن جي والدين چيو ته صوبائي وزير سعيد غني جي اعلانن باوجود اڃا تائين ڪا به عملي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته متاثر ٻارن جي دادرسي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن کي تبديل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده فوڪل پرسن سندن مسئلن جي حل ۾ ناڪام رهيو آهي.
والدين وڌيڪ چيو ته ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن لاءِ اعلانيل اينڊومينٽ فنڊ اڃا تائين جاري ناهن ڪيا ويا.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثر ٻارن لاءِ ڪيل سڀئي اعلان بنا دير عملي جامو پارايا وڃن، علاج، مالي سهائتا ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like