فنڪشنل ليگ پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس چڙهائي جي سخت مذمت، گرفتار اڳواڻ فوري آزاد ڪيا وڃن: صدرالدين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه ٻٻرلوءِ ۾ 25 کان وڌيڪ اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابيءَ لاءِ هنيل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ۽ پرتشدد ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻٻرلوءِ ۾ ٻارن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس جو تشدد نهايت افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل سڀني اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪيو وڃي.
سيد صدرالدين شاهه چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ڪمزور ٿي چڪي آهي، جڏهن ته عوام جا بنيادي مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن.
هن چيو ته پاڻي جو مسئلو سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل سان لاڳاپيل آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب آباد زمينون به بنجر بڻجي رهيون آهن.
فنڪشنل ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون نٿيون ملن، جڏهن ته گيس ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي.

You might also like