مراد علي شاهه صاحب! قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جي ڌمڪي پرامن مائرن کي نه پر ڏوهارين کي ڏئي ڏيکاريو

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هاڻي حڪمرانن کي  عوام سان سٺي نموني ڳالهائڻ جو ڪورس ڪرائجي ته جيئن اهي ڏکايل، ڌتاريل، آزاريل ۽ سراپا احتجاج بڻيل عوام جي زخمن تي لوڻ هارڻ بدران انهن تي پنهنجي مٺي ۽  اخلاق سان ڀريل زبان جا پها رکي سگهن. اهڙو احساس ٽيون ڏينهن به شدت سان ٿيو جڏهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو ڏيندڙ مائرن جي آٿت بڻجڻ، سندن دلجوئي ڪرڻ ۽ سندن اغوا ٿيل معصوم ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ڪا اميد ڏيڻ بدران ويتر سندن اداس من کي رنجائي ڇڏيو آهي.

ميڊيا جڏهن  وڏي وزير کان سوال پڇيو ته پريا ڪماري ڪميٽي طرفان ٻٻرلوءِ وٽ جيڪو 25 ڏينهن کان ڌرڻو ڏنو ويو آهي تن وٽ اوهان جو ڪو حڪومتي نمائندو لڙي ويو آهي؟ ته وڏي وزير وراڻيو ته اهي نياڻيون ڀلي پرامن نموني احتجاج ڪنديون رهن بس رڳو ان جو خيال ڪن ته قانون کي هٿ ۾ نه کڻن. جيتوڻيڪ هن اهو به چيو ته سنڌ جو گهرو وزير پريا ڪماري جي ڪيس کي ڏسي رهيو آهي ۽ حڪومت ان معاملي ۾ سنجيده آهي پر سندس ان جملي تي شديد تنقيد ٿي رهي آهي جيڪو هن 25 ڏينهن کان پرامن نموني ڌرڻو ڏيندڙ ٻارن جي مائرن لاءِ اهو ڌمڪي جهڙو جملو چيو ته کين قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي. ان تي کانئس سوال پڇجي رهيا آهن  جيڪي بجا به آهن ته انهن مائرن 25 ڏينهن کان ڪهڙو قانون هٿ ۾ کنيو آهي جو کين چتاءُ ڏنو پيو وڃي. ان بيان کي ٻٻرلوءِ وٽ شديد ترين موتمار گرمي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل مائرن جي جذبن تي حملو سمجهيو وڃي ٿو.

پهرين ڳالهه ته ان ڌرڻي جي ذميوار به سنڌ حڪومت ئي آهي، اوهان پنجن سالن کان پريا ڪماري کي بازياب به نه ڪرايو ۽ مٿان سندن والدين جي جائز احتجاج کي قانون هٿ ۾ کڻڻ به چئو ته اهو ڪهڙو انصاف چئبو. توهان کي ته اهو چوڻ گهرجي ته انهن مائرن جو اهو ڌرڻو اسان جي حڪومت جي ناڪامي آهي ۽ اسان ان ناڪامي تي ٻارن جي مائرن سان معذرت ڪريون ٿا ۽  ان ڌرڻي يا رستا بند ڪرڻ واري انتهائي قدم جا اسان ذميوار آهيون پر اوهان الٽو انهن مائرن کي قانون هٿ ۾  نه کڻڻ جو چتاءُ ڏيو ٿا.

اسان جو ته اهو به خيال آهي ته انهن مائرن جي هڪ ڏينهن جي ڌرڻي جو به جيڪر هڪ ذميوار حڪومت فوري نوٽيس وٺي گهرو وزير  ۽ آءِ جي سنڌ کي ٻٻرلوءِ وٽ پهچڻ گهرجي ها ۽ کين وارثي جو احساس ڏيارين ها ۽ گرمي ۾ ايئن روڊن تي کين ويهڻ نه ڏي ها پر الٽو انهن سندن دليون رنجايون آهن ڄڻ اهي بااولاد نه هجن. ڪڏهن آءِ جي سنڌ فرمائي ٿو ته پريا ڪماري جو مئل اشو آهي ڪڏهن گهرو وزير چئي ٿو ته اهو بلائينڊ ڪيس آهي. جڏهن ته چوڻ وارا چون ٿا ته اهو ڪيس بلائينڊ ناهي پر حڪومت جي ڪارڪردگي بلائينڊ آهي جنهن پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ ان ڪيس کي مئل اشو  قرار ڏنو آهي پر جيڪڏهن اهو ڪيس واقعي به مئل ۽ بلائينڊ ٿي چڪو آهي ته ان  ناڪامي  تي گهرو وزير ۽ آءِ جي کي ڇا استعيفا نه ڏيڻ گهرجي؟ ان حوالي سان  پ پ جي سينئر وزير نثار کهڙي وري هڪ ڀيري فرمايو هو ته ”پريا ڪماري سنڌ ۾ هجي ته کيس بازياب ڪرايون“ ڪيڏو نه سفاڪاڻو جواب آهي. ان تي سوالي  جواب اهو آهي ته  پهريون ته پريا ڪماري سنڌ جي سنگرار شهر مان ڏهين محرم تي سبيل ورهائيندي اغوا ئي ڇو ٿي ۽ ان وقت حڪومتي سيڪيورٽي نيٽ ورڪ ڪٿي هو ۽ اهو قانون ڪٿي هو جيڪو ان ٻارڙي کي ڏوهارين هٿان سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر وڃڻ ئي نه ڏي ها.

 اهو سوال به پڇيو پيو وڃي ته ڇا قانون جو دهمان صرف شريف ماڻهن ۽ ڌرڻو ڏيندڙ مائرن لاءِ آهي يا قانون جي پاسداري جو ذمو صرف  شريف ماڻهن جو آهي اوهان جي ڪا ذميواري ناهي ته قانون جي بالادستي قائم ڪجي ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جو دهمان ڏوهارين تي ڪجي؟ جيڪي جڏهن ۽ جتي چاهين اوهان جو قانون هٿ ۾ کڻن ٿا ۽ جن جو ڪير وار به ونگو نٿو ڪري، اوهان جي قانون بدران سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، قانون صرف  بي گناهه ۽ شريف ماڻهن لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته اهي انصاف ٿا گهرن، مائرن جو ڏوهه اهو آهي ته اهي پنهنجي  اغوا ۽ گم  ٿيل ٻارن جي بازيابي جي حڪومت کان تقاضا ڇو ٿيون ڪن، اهي اکين جي سرحدن اندر ٻچڙن جي بازيابي جو ڀٽڪندڙ ۽ لڇندڙ خواب به ڇو ٿيون ڏسن، سندن ممتا ٻارن جي خير سان گهر اچڻ جو اوسيئڙو ڇو ٿيون ڪن ۽ پنجن ورهين جي طويل انتظار کان پوءِ احتجاج طور روڊن تي اچي ڇو ويهي رهيون آهن حڪمران سمجهن ٿا ته اهو قانون هٿ ۾ کڻڻ آهي، احتجاج طور روڊ بلاڪ ڪرڻ قانون هٿ ۾ کڻڻ آهي، باقي ڪو حڪومتي نمائندو سندن وٽ لڙي نه ويندو.

ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ويٺل مائرن وٽ ويا ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته  اوهان ٻٻرلوءِ جي شاهراهه کي بلاڪ نه ڪيو  ٽن ڏينهن ۾ اوهان جا ٻار آهستي آهستي بازياب ٿيڻ لڳندا ۽ اسان روز هتي اچي ان حوالي سان اوهان کي رپورٽ پيش ڪنداسين پر اها دعويٰ به جڏهن ”رات گئي بات گئي“ وانگر لئه مٽي ٿي وئي ته پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڪالهه وري ٻٻرلوءِ وٽ روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنهن کي وڏو وزير قانون هٿ ۾ کڻڻ چوي ٿو پر سوال اهو آهي ته حڪومتي قانون جي عملدارن  جو قانون  رڳو روڊ بلاڪ ٿيڻ   تي ئي ڇو ٿو جاڳي، اهو قانون ڏوهارين جي رستي ۾ رنڊڪ ڇو نٿو بڻجي ۽ انهن لاءِ  ڇو نٿو للڪار بڻجي. سو مراد علي شاهه صاحب قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جي ڌمڪي 25 ڏينهن کان  پرامن  نموني احتجاج ڪندڙ مائرن کي نه پر انهن ڏوهارين کي ڏئي ڏيکاريو جيڪي اوهان جي قانون کي ڏينهن ڏٺي جو ۽ سرعام لتاڙيندا رهندا آهن.

You might also like