ڀاءُ جي گرفتاري تي سينيئر صحافي رياض سهيل ايف آءِ اي جي ڪردار تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي رياض سهيل پنهنجي ڀاءُ ۽ نادرا جي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد جنجهي جي ايف آءِ اي هٿان گرفتاري تي ردعمل ڏنو آهي.
فيس بڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ رياض سهيل چيو ته”فياض جي گرفتاري ايف آءِ اي ظاهر ڪري ڇڏي، پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو ٻه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هڪ چوڪيدار افغان شهرين جا ڪارڊ ٺاهي رهيا هئا، جڏهن ته ڊيٽا انٽري آپريٽر کان وٺي سينٽر جي انچارج تائين سڀ بي خبر هئا؟“
هن سوال ڪيو ته ايف آءِ اي ڪهڙي منطق پيش ڪئي آهي؟ فياض کي 40 ڪلاڪ ڪهڙي قانون تحت حراست ۾ رکيو ويو؟ اداري وٽ ڪو اندروني جاچ جو نظام، شوڪاز نوٽيس يا معطلي جهڙو ڪو طريقو موجود نه هو؟
رياض سهيل چيو ته ايف آءِ اي کي انهن کان اهو بيان به وٺڻ گهرجي ته مٿن ڪنهن ڪنهن دٻاءُ وڌو ته غيرقانوني پرڏيهين کي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ انڪار ڪرڻ تي سندن بدليون ڪيئن ڪيون ويون.

You might also like