”ميرپور ۽ راولاڪوٽ ڪشمير ناهن“ واري بيان تي بلاول خواجا آصف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ميرپور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري راولاڪوٽ ۽ ميرپور بابت بيان تي بچاءُ واري وزير خواجا آصف کان معافي وٺڻ يا عهدو ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري ايل اي 3 ميرپور سٽي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته راولاڪوٽ ۽ ميرپور بابت وزير جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي، حڪومت کي ان جو احساس ئي ناهي، منهنجو مطالبو آهي ته وزير پنهنجي بيان تي معافي وٺي يا عهدو ڇڏي، اوھان ڪير ٿيندا آهيو اهو طئي ڪرڻ وارا ته ميرپور ۽ راولاڪوٽ ڪشمير نه آهن، ڪشمير پيپلزپارٽي سان گڏ آهي انهن سان نه جيڪي ڪشمير مخالف بيان ڏيندا آهن.
بلاول ڀٽو چيو ته مظفرآباد ۾ انهن جي اڳواڻن تقريرون ڪيون پر پنهنجي وزير جي بيان جي مذمت نه ڪئي، اوھان ڪير آهيو اهو فيصلو ڪرڻ وارا ته ڪشميري ڪير آهي؟ ڪلهه نه اڳوڻي وزيراعظم ۽ نه ئي پنجاب جي وزيراعلي پنهنجي وزير جي بيان جي مذمت ڪئي، ان مان لڳي ٿو ته اوھان پنهنجي وزير جي بيان سان گڏ بيٺل آهيو.
بلاول چيو ته اهي ماڻهو اهڙي نموني ڳالهائيندا آهن جيئن نه پيءُ وزيراعظم رهيو آهي ۽ نه ئي چاچو وزيراعظم رهيو آهي، جيڪي ماڻهو قصور کي لاهور نه بڻائي سگهيا اهي گلگت بلتستان کي ڇا لاهور بڻائيندا، اهي اهڙا شينھن آهن جيڪي حق نٿا ڏين پر حق کائيندا آهن، ن ليگ وارا توهان کي پيرين پئي رهيا آهن، چونڊن کانپوءِ اهي ماڻهو اوھان جي ڳچيءَ پئجي ويندا.
بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته ڇا انهن ڪڏهن ڏٺو آهي ته چولستان، پوٺوهار، راجن پور، وهاڙي جو ڪهڙو حشر آهي؟ هو چوندا هئا ته اسان گلگت بلتستان کي لاهور بڻائي ڇڏينداسين پر جي بي جي ماڻهن نه مڃيو، جي بي جي ماڻهن چيو ته جڏهن اهي پنهنجي حڪومت ۾ ڪجھه نه ٺاهي سگهيا ته جي بي کي ڇا ٺاهنيدا، هو اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جو ماڻهو سوچي ٿو ته ڪجھه چوان يا نه چوان، اهي گهرن ٿا ته آئين ۾ ترميم ڪن ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو فيصلو عوام نه پر پاڪستان جو وزيراعظم ڪري، هو چاهين ٿا ته رائيونڊ جو شهري جيڪو چار ڀيرا وزيراعظم رهيو آهي، اهو آزاد ڪشمير جو به وزيراعظم بڻجي.
بلاول ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي اهڙي نموني ڳالهائيندا آهن جيئن پنجاب جي هر علائقي ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهي رهيون هجن.
پ پ چيئرمين چيو ته عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو اڄ آزاد ڪشمير جي عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، احتجاج جڏهن پرامن نٿو رهي ته پوءِ نقصان ٿيندو آهي، جيئن احتجاج ڪندڙ عوام کي سزا ڏئي رهيا آهن تيئن ئي رياست به عوام کي سزا ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ ايف سي آر جو قانون هو ڪو ڏوهه ٿيندو هو ته سڄي ڳوٺ کي سزا ٻڌائي ويندي هئي، عوام جو ڪهڙو قصور آهي جو هتي انٽرنيٽ به نٿو هلي، هي عوام سان ظلم آهي، اسان کي حڪومت ملي ته صورتحال کي سنوارينداسين خراب نه ڪنداسين.
بلاول چيو ته ميرپور سان منهنجو تعلق اڄ جو ناهي پر ٽن نسلن جو آهي، ميرپور آزاد ڪشمير ايندو آهيان ته ائين لڳندو آهي ته پنهنجي ٻئي گهر آيو آهيان، آزاد ڪشمير جي اها اليڪشن عام اليڪشن ناهي پر شايد تاريخ جي سڀ کان اهم چونڊون آهن، هن اليڪشن ۾ اوھان جي چونڊ سان آزاد ڪشمير جو مستقبل واڳيل آهي.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ متفقه آئين ڏنو، اهو اسلامي آئين ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو آهي، مسلم ملڪن ۾ صرف هڪ ئي ايٽمي طاقت آهي ۽ اهو قائد عوام جو ڏنل ايٽم بم آهي.
بلاول جو چوڻ هو ته صدر زرداري 18 هين ترميم ۾ صوبن جا حق حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي هن اليڪشن ۾ آزاد ڪشمير جي عوام کي تاريخ رقم ڪرڻي آهي، گلگت بلتستان جي عوام حق حاڪميت، حقن ۽ حق ملڪيت جي منشور تي ووٽ ڏنو، حق حاڪميت ۽ حق ملڪيت گلگت بلتستان جي عوام کي ڏياري ڪري ڏيکاريندس، اهوئي منشور مان اڄ آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ کڻي آيو آهيان، آزاد ڪشمير جي عوام کي اهي حق ڏيارڻ چاهيان ٿو جيڪي پاڪستان جي عوام وٽ آهن.
بلاول چيو ته حق حاڪميت ۽ ملڪيت جو اصول صرف 12 سيٽن سان لاڳاپيل ناهي، جيڪي سمجهن ٿا ته 12 سيٽون سندن کيسي ۾ آهن، اهي اوھان سان ناانصافي ڪن ٿا، مان اها ڳالهه نٿو مڃان ته مهاجرن کي ووٽ نه ڏيو، مهاجرن کي ووٽ به ڏيو ۽ اليڪشن به وڙهو پر آزاد ڪشمير جو فيصلو عوام ڪري.
بلاول چيو ته قائد عوام چيو هو ته هزار سال جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون پر آزاد ڪشمير جا عوام هاڻي پراڻي پگهار تي هلڻ لاءِ تيار ناهن، مان چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير جو پرڏيهي وزير هر فورم تي عوام لاءِ آواز اٿاري، چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير جي عوام جو نمائندو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پڻ ويھي، سنڌ، بلوچستان، پنجاب يا خيبرپختونخواه هجي، اسان جو منشور واضح آهي ته حق ملڪيت عوام جو آهي، پيپلزپارٽي اها جماعت آهي جيڪا ماڻهن لاءِ روزگار جو بندوبست ڪندي آهي.
هن ٻڌايو ته قائد عوام ملڪ اندر به ۽ پرڏيهه ۾ به نوجوانن کي روزگار ڏياريو، بينظير ڀٽو چوندي هئي ته جيڪڏهن روزگار ڏيڻ ڏوهه آهي ته بار بار ڪنداسين، خطي ۾ جنگ رڪي ته مهنگائي وڌندي، اهڙي صورتحال ۾ اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا روزگار وڌائي، روزگار ۾ واڌ جو ڪم رڳو پيپلزپارٽي ئي ڪري سگهي ٿي.
بلاول چيو ته اختلاف راءِ سان قومون مضبوط ٿينديون آهن ڪمزور نه ٿينديون آهن، هن وقت جيڪا صورتحال هلي رهي آهي اها مناسب ناهي، مان پلان ڏنو جنهن سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، مان تجويز ڏني ته ڪميشن قائم ڪيو وڃي جيڪا جاچ ڪري ته حقيقتون ڇا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي سزا ڏني وڃي، بيگناهه کي ڪجھه نه چيو وڃي، منهنجي تجويز تي ڪنهن به ڌر اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سڀني کان درخواست آهي ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو طريقو آهي ته ٻڌائين يا هن تجويز تي مسئلو حل ڪن.

You might also like