پوليس کي ڏنل مهلت ختم، پريا ڪماري ۽ ٻيا ٻار بازياب نه ٿيا، ڪراچي، حيدرآباد، ميهڙ ۽ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻا

ڪراچي/ٻٻرلوءِ/ميهڙ (ويب ڊيسڪ) پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازياب نه ٿيڻ خلاف ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه سميت مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن.
پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ واڌو واهه، ڪراچي ۾ ٽي تلوار ۽ ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي به احتجاجي ڌرڻا جاري آهن.
ميهڙ ۾ پريا ڪماري، اُجالا پروين سولنگي ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ شهرين احتجاج ڪندي انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي ڪشمور جي ڊيرا موڙ ۽ اُٻاوڙو جي ڪمون شهيد واري هنڌ تي به ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته 27 ڏينهن گذرڻ باوجود سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا آهن.
هنن چيو ته پوليس ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي، پر هاڻي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اڃا تائين ٻار بازياب نه ٿي سگهيا آهن.
اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پريا ڪماري ۽ ٻيا گم ٿيل ٻار بازياب نه ٿيندا، تيستائين ڌرڻا جاري رهندا.

You might also like