نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست سڪم ۾ اڏاوت هيٺ پن بجلي منصوبي جي سِرِنگَهه ڪِرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 20 جولاءِ تي تيستا درياهه تي قائم سرڪاري پن بجلي منصوبي لاءِ سِرِنگَهه جو اڏاوتي ڪم جاري هو، جنهن دوران اوچتو سِرِنگَهه ڪِري پئي.
شروعاتي اطلاعن موجب، واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 پورهيت فوت ٿيا هئا، جڏهن ته 15 پورهيت سِرِنگَهه ۾ ڦاٿل هئا، پر هاڻي فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي.
ڀارتي اختيارين موجب، امدادي ٽيمون سِرِنگَهه واري هنڌ وڌيڪ 7 کان 8 لاش ڏٺا آهن، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
You might also like