سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو سروس اسٽرڪچر بحال ڪرڻ جو سوال

نور بانو ملاح

سنڌ اندر بلڪه اهو سموري دنيا اندر آهي ته اتي جو پورهيت طبقو سدائين ڏتڙيل ۽ پيڙهيل رهيو آهي. حڪمران طبقا پنهنجي عياشين ۾ پورا هوندا آهن، جڏهن ته پورهيت سدائين ڏکن، بيمارين ۽ پريشانين ۾ هوندو آهي. سڄو ڏينهن پورهيو ڪري به پورهيت کي هڪ ويلي جي ماني سک سان نصيب ڪونهي. سنڌ ۾ هونئن ته ٻيا ڪيترائي ملازم پنهنجي جائز حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن ۽ پيپلزپارٽي جي بي رحم ۽ بي حس حڪومت جي هٿان روڊن تي گهلجندا ۽ ڏنڊا کائنيدا، آنسو گيسن ۽ شيلن جو نشانو بنبا رهيا آهن پر سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي جدوجهد جو هڪڙو الڳ داستان آهي. مان خود سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي انهن جدوجهدن جو حصو رهي آهيان ۽ اهو فخر آهي ته انهن جي اڳواڻي جو ڪردار پلئي پيو آهي. اسان ليڊي هيلٿ ورڪرس ۽ سپرويائيزرس ڪي اين شاه ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ مسلسل روز جي بنياد تي علامتي بک هڙتال ڪري نيٺ سنڌ جي 25 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرس کي پڪو ڪرايو ۽ ان کان اڳ چوڪ ماڙي کان ويندي ڪراچي جي مشهور ڦوهارا چوڪ تائين تاريخي مظاهرا ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرس پنهنجا حق مڃرايا آهن. هن وقت به ليڊي هيلٿ ورڪرس هڪڙي اذيت واري زندگي گذاري رهيون آهن. عام طور تي ته اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز احتجاج ڪن ٿيون ته انهن احتجاجن ۾  بحث گهڻو ڪري پگهارن، يا تازو جيئن جيڪي احتجاجي مظاهرا هلي رهيا آهن انهن ۾ پروگرام کي PPHI  حوالي ڪرڻ خلاف يا بجيٽ ۾ ڪٽوتي تائين محدود آهن، پر ليڊي هيلٿ ورڪرس  جي جدوجهد جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سندن بنيادي مسئلو ڪجهه ٻيو آهي. اڄ به جيڪڏهن ڪنهن ليڊي هيلٿ ورڪر کان پڇيو وڃي ته سندس سڀ کان وڏو مطالبو ڇا آهي ته جواب هوندو: ”سروس اسٽرڪچر، پروموشن ۽ باعزت نوڪري. “

ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام پاڪستان ۾ 1994ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران ”نيشنل پروگرام فار فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر“ تحت شروع ڪيو ويو. ان جو مقصد اهو هو ته اهڙن ڳوٺن ۽ غريب آباديءَ تائين صحت جون بنيادي سهولتون پهچايون وڃن، جتي ڊاڪٽر يا صحت مرڪز موجود نه هجن. اڄ به هي پروگرام پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪميونٽي بيسڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر نظامن مان هڪ آهي. پنجاب حڪومت موجب صرف پنجاب ۾ 42 هزار کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ 1,700 کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ سپروائيزر خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت موجب سنڌ ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز مقرر آهن.

ليڊي هيلٿ ورڪرز جو ڪم رڳو پوليو مهم تائين محدود ناهي. اهي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، حفاظتي ٽيڪاڪاري، غذائيت، خانداني منصوبابندي، ٽي بي، هيپاٽائيٽس، مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين بابت آگاهي ڏين ٿيون، حامله عورتن جي نگراني ڪن ٿيون، نومولود ٻارن جي سارسنڀال بابت رهنمائي ڪن ٿيون ۽ قدرتي آفتن، ٻوڏن ۽ وبائن دوران به سڀ کان اڳيان بيٺل عملي ۾ شامل هونديون آهن. هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر عام طور تي لڳ ڀڳ 1,000 کان 1,500 ماڻهن يا 150 کان 200 گهرن جي ذميواري سنڀاليندي آهي.

پر انهن خدمتن جي عيوض کين جيڪي تڪليفون ملن ٿيون، اهي انتهائي ڀيانڪ آهن. ڪجه علائقن ۾ ته ليڊي هيلٿ ورڪرس کي ڏسندي گولي هنئي وڃي ٿي، ائين ڪيتريون ئي ليڊي هيلٿ ورڪرس پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي شهيد ٿيون آهن. جڏهن ته فيلڊ دوران ليڊي هيلٿ ورڪرس کي جنسي حراسمينٽ سميت هر قسم جي حراسمينٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ ۾ اهي رڪارڊ تي آيل ڪيس آهن ته پوليو مهم دوران ڪيترن ئي ليڊي هيلٿ ورڪرس کي جنسي هراسان ڪيو ويو،  ڪيترن ئي ليڊي هيلٿ ورڪرس کي قدي بنائي اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بنايو ويو، ائين هر طرح جا عذاب ليڊي هيلٿ ورڪرس ڀوڳي رهيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هوءَ سخت گرمي، برسات، ڪچن رستن، ٽرانسپورٽ جي کوٽ، دوائن جي گهٽتائي، سماجي روين ۽ ڪيترن علائقن ۾ سيڪيورٽي خطرن باوجود فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٿيون. پوليو مهم دوران پاڪستان ۾ ڪيترين ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجي جان به قربان ڪئي آهي. ڊان ۾ شايع ٿيل هڪ تجزئي موجب، ليڊي هيلٿ ورڪرز کي گهٽ پگهار، ڳرو ڪم، هراسانين ۽ جان جي خطرن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.

سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي جدوجهد به ڊگهي آهي. مستقل ملازمت ۽ بنيادي حقن لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ٿيون. خيرپور ناٿن شاهه ۾ به ليڊي هيلٿ ورڪرز مستقل ٿيڻ لاءِ تاريخي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ مقامي سياسي ۽ سماجي ڌرين به ساڻن يڪجهتي ڪئي. اها جدوجهد سنڌ جي مزدور تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي، جنهن کي سرڪاري تاريخن ۾ شايد گهڻي جاءِ نه ملي هجي، پر ان جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

2012ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل سرڪاري ملازم جا حق ڏيڻ بابت اهم فيصلو ڏنو. ان کان پوءِ مختلف صوبن پنهنجي پاليسين ۾ تبديليون آنديون. خيبر پختونخواهه ته 2014ع ۾ باقاعده قانون منظور ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام، ان جي ملازمن ۽ سروس رولز کي قانوني تحفظ ڏنو. پنجاب ۾ به سروس اسٽرڪچر، ليڊي هيلٿ سپروائيزر تائين ترقي ۽ ٽائيم اسڪيل جهڙن معاملن ۾ اڳڀرائي ٿي.

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته  پيپلزپارٽي سرڪار جيڪا دعويدار آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرس پروگرام کي محترم شهيد بينظير ڀٽو متعارف ڪرايو، ان پيپلزپارٽي پنهنجي ئي اڳواڻ ۽ رهنما جي پروگرام سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. ٻين صوبن ليڊي هيلٿ ورڪرس جو سروس اسٽرڪچر ٺاهي انهن کي ڏنا پر سنڌ هن معاملي ۾ پوئتي رهجي وئي آهي. هتي هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز سالن جا سال ساڳئي عهدي تي ڪم ڪن ٿيون. نه واضح ڪيريئر پراگريشن، نه باقاعده پروموشن، نه ٽائيم اسڪيل ۽ نه ئي مستقبل بابت ڪو اعتماد. نتيجي ۾ هڪ ورڪر پنهنجي سڄي ملازمت هڪ ئي گريڊ ۾ گذاري رٽائر ٿي وڃي ٿي.رٽائر ٿيڻ بعد به ڪي حق ناهن ۽ نوڪري هوندي روز آفيسرن جا اهي دڙڪا ته اجهو ٿيون نوڪري تان لهو.

هاڻوڪي احتجاجن جو هڪ سبب پروگرام جي آپريشنل بجيٽ ۾ 75 سيڪڙو ڪٽوتي به آهي. ان سان دوائن، فيلڊ مانيٽرنگ، سپروائيزرن جي دوري ۽ پروگرام جي روزاني ڪارڪردگي سخت متاثر ٿيندي. پنجاب ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي گريڊ 16 تائين ترقي جا موقعا مليا، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃا تائين اپ گريڊيشن ۽ پروموشن جو مسئلو حل نه ٿيو آهي.

ساڳئي وقت بنيادي صحت مرڪزن (BHUs) جي انتظام ۾ تبديلين کان پوءِ ورڪرن ۾ خدشا پيدا ٿيا آهن ته متان سندن پروگرام به مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي انتظامي ڍانچي حوالي ڪيو وڃي. حڪومت اڃا تائين اهڙي ڪنهن حتمي فيصلي جي تصديق نه ڪئي آهي، پر ملازمن جي بيچيني کي ختم ڪرڻ لاءِ واضح پاليسي بيان جي ضرورت آهي.

سنڌ حڪومت کي هاڻي عارضي قدمن بدران مستقل حل ڏانهن وڃڻو پوندو. جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سروس اسٽرڪچر، ڪيريئر پراگريشن ۽ قانوني تحفظ جا ماڊل موجود آهن ته سنڌ ۾ به انهن جو جائزو وٺي مناسب پاليسي اختيار ڪري سگهجي ٿي. صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عمارتن کان وڌيڪ اهم اهي عورتون آهن، جيڪي ٽن ڏهاڪن کان ڳوٺن، واهڻن ۽ ڪچين آبادين ۾ عوام تائين صحت جون خدمتون پهچائي رهيون آهن.

سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو سوال صرف ملازمن جو سوال ناهي، پر اهو عوامي صحت، ماءُ ۽ ٻار جي زندگين، ۽ رياست جي سماجي ذميواري جو سوال آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي بنيادي صحت جي نظام کي بچائڻ چاهي ٿي ته پوءِ سڀ کان پهرين انهن هزارين عورتن کي اهو عزت، تحفظ ۽ ڪيريئر ڏيڻ گهرجي، جنهن جون هو ٽن ڏهاڪن کان حقدار آهن. ليڊي هيلٿ ورڪرس جو مطالبو آهي ته 1994 کان کين سينيارٽي ڏني وڃي ۽ سرورس اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي.

You might also like