بلغاريا آمريڪي فوج کي وچ اوڀر ۾ ڪارروائين لاءِ پنهنجو هوائي اڏو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

صوفيا (ويب ڊيسڪ) بلغاريا جي پارليامينٽ حڪومت جي ان تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت آمريڪي فوج کي وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائين جي سهڪار لاءِ هڪ فضائي اڏو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
پر ڪجهه پارليامينٽ ميمبرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ان فيصلي سان بلغاريا ايران خلاف جنگ ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا کي ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائين لاءِ يورپي يونين جي ڪجهه ٻين ملڪن کان به هوائي اڏن جي استعمال بابت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف فوجي ڪارروائيون وڌائڻ جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي.
آمريڪي حڪومت گذريل جمعي تي بلغاريا کان فوجي اڏي جي استعمال جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي پارليامينٽ 136 حمايتي ووٽن، 13 مخالف ووٽن ۽ ٻن ميمبرن جي غيرحاضري سان منظور ڪري ورتو.
معاهدي تحت بلغاريا آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ آپريشنز جي سهڪار لاءِ وڌ ۾ وڌ 8 ڪي سي-135 ٽينڪر جهاز ۽ 250 فوجي اهلڪار مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like