حڪومت سان ڳالهيون ناڪام، پيٽروليم ڊيلرز جو روزاني اگهن واري فيصلي تي هڙتال جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن (پي پي ڊي اي) سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن جي علامتي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت خميس ڏينهن صبح 6 وڳي کان جمعي جي صبح 6 وڳي تائين ملڪ جا پيٽرول پمپ بند رهندا.
ايسوسيئيشن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن جي تعين لاءِ 30 ڏينهن وارو طريقو برقرار رکيو وڃي.
هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي علامتي هڙتال باوجود حڪومت سندن مطالبا نه مڃيا ته ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.
پي پي ڊي اي جي چيف ايڊوائيزر ملڪ خدا بخش ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن جو هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ ٻيهر تعين ڪرڻ وارو فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ماهوار بنيادن تي ٿيڻ گهرجي، نه ڪي هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ.
ملڪ خدا بخش چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڊيلرز جي منافعي جي مارجن ۾ ڪو به واڌارو نه ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ڊيلرز لاءِ مستقل طور 8 سيڪڙو ڪميشن مقرر ڪئي وڃي.
هن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين (او ايم سيز) جي الاٽمينٽ پاليسي ختم ڪرڻ ۽ پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو به مطالبو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪارڊ ۽ ڊجيٽل ادائيگين تي بئنڪن ۽ پوائنٽ آف سيل (پِي او ايس) سسٽم تحت لڳندڙ خرچ واهپيدارن کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏني وڃي.
پي پي ڊي اي جي سنڌ جي صدر حاجي امير خان چيو ته ڊيلرز گذريل ٻن سالن کان پنهنجي مارجن ۾ واڌ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ حڪومت کي گهرجي ته 8 سيڪڙو ڊيلر مارجن بابت پنهنجو واعدو فوري طور پورو ڪري.
ايسوسيئيشن جي نائب چيئرمين طارق حسن چيو ته حڪومت آڏو پنج مطالبا پيش ڪيا ويا آهن، پي پي ڊي اي انهن مان ڪنهن به مطالبي تان هٿ نه کڻندي.
واضح رهي ته وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هاڻي هفتي بدران روزاني بنيادن تي پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين ڪندي.

You might also like