اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏيل انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي وڏي ڪارروائي ڪندي افغان شهرين لاءِ غيرقانوني طور جعلي شناختي دستاويز تيار ڪرڻ ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، گرفتار ٿيلن ۾ نادرا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انعام الحق، ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد جنجهي، چوڪيدار جنيد احمد ۽ پرائيويٽ ايجنٽ محمد عمر شاهه شامل آهن.
واضح رهي ته ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد جي گمشدگي وارو ڪيس ڪراچي پوليس سندس والد سهيل سانگي جي فرياد تي داخل ڪيو هو.
ڪيس موجب، فياض احمد 20 جولاءِ جي شام کان گم، هو، جڏهن ته سندس پيءُ شڪ ظاهر ڪيو هو ته کيس اڻڄاتل ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن.
ايف آءِ اي موجب، شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي ته جوابدار افغان شهرين لاءِ جعلي سڃاڻپ دستاويز جاري ڪرڻ، سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ سهولتڪاري ۾ ملوث هئا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ دوران مليل شروعاتي ثبوتن مان ان منظم نيٽ ورڪ جا ڪجهه دهشتگرد عنصرن سان به امڪاني لاڳاپا سامهون آيا آهن، جنهن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ايف آءِ اي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروائي دوران اهم رڪارڊ، ڊجيٽل مواد ۽ ٻيا ثبوت قبضي ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي.
ايف آءِ اي موجب، جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشافن ۽ گرفتارين جو به امڪان آهي ۽ نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل سڀني سهولتڪارن ۽ مُک ڪردارن کي قانون موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي کي پيش خطرن، دهشتگردي جي سهولتڪاري، جعلي شناختي دستاويزن جاري ڪرڻ ۽ اهڙن منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن جي خاتمي لاءِ بنا فرق ڪارروائيون جاري رهنديون.
افغانين لاءِ جعلي سڃاڻپ دستاويز ٺاهڻ جو الزام، نادرا ڊپٽي ڊائريڪٽر فياض جنجهي سوڌو 4 ڄڻا گرفتار
Next Post
You might also like