حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب، پيٽرول پمپ مالڪن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت طرفان پيٽرول ڊيلرن جو مارجن وڌائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ هڙتال جي ڪال واپس ورتي وئي آهي.
پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن جي ترجمان نديم خان چيو ته حڪومت مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اميد آهي ته ٻن هفتن اندر پمپ مالڪن جي ڪميشن وارو معاملو حل ٿي ويندو.
هن چيو ته روزاني بنيادن تي پيٽرول جي اگهن واري نظام کي به ٻن هفتن لاءِ آزمائشي بنيادن تي هلائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽرول پمپن ۽ ڊيلرن جا مسئلا ٻن هفتن اندر حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جيڪڏهن ان عرصي ۾ مسئلا حل نه ٿيا ته ٻيهر ويهي حل ڳوليو ويندو.
هن چيو ته حڪومت ناجائز منافعي خوري جو تاثر نٿي چاهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو به شفاف طريقي سان عوام تائين منتقل ڪيو ويندو.

 

You might also like