نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني آمريڪي وفاقي حڪومت کان اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ظهران ممداني چيو ته نيويارڪ سٽي وٽ اسرائيلي وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جو قانوني اختيار ناهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت وٽ اهو اختيار موجود آهي.
هن آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها بين الاقوامي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) سان سهڪار ڪندي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد ڪري.
پنهنجي بيان ۾ ظهران ممداني چيو ته هو بين الاقوامي فوجداري عدالت طرفان نيتن ياهو جي جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ سان اتفاق ڪري ٿو.
ظهران ممداني جو چوڻ هو ته نيويارڪ سٽي جي انتظاميا آءِ سي سي جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد بابت موجود قانون تحت هر رخ جو جائزو ورتو، جنهن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته نيويارڪ سٽي وٽ نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻ جو قانوني اختيار موجود ناهي.
هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو فلسطينين خلاف جنگي ڏوهن جو ذميوار ۽ ڀوائتي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي.
سندس چوڻ هو ته نيتن ياهو 73 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل جو ذميوار آهي، سندس نيويارڪ ۾ آجيان نه ڪئي ويندي.
”73 هزار فلسطينين جي قاتل نيتن ياهو کي گرفتار ڪيو “ نيويارڪ جي ميئر جو ٽرمپ حڪومت کان مطالبو
You might also like