ڪراچي: سرڪاري ڪاليجن ۾ انٽرميڊيٽ داخلائن جي خواهشمند شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سرڪاري ڪاليجن ۾ انٽرميڊيٽ داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي ڪاليجز کاتي سرڪاري ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلائن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
سرڪاري ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پسنديدا ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ميرٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز موجب، سنڌ ۾ انٽرميڊيٽ داخلائن لاءِ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون آهن، جڏهن ته رڳو ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ 98 هزار 646 شاگردن داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن.
تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته شاگرد 31 جولاءِ تائين پنهنجي داخلا ڪنفرم ڪرائين، جيئن داخلا وارو مرحلو مڪمل ٿي سگهي.

You might also like