جڳ مشهور مشهور يوٽيوبر مسٽر بيسٽ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي.
مسٽر بيسٽ، جنهن جو اصل نالو جمي ڊونلڊسن آهي، ٿيا بوئيسن سان هڪ ٻيٽ تي شادي ڪئي.
هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي شادي جي تقريب جون تصويرون شيئر ڪيون.
پهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو”مون کي مسز بيسٽ ملي وئي آهي.“ جڏهن ته هن پنهنجي شادي واري ڏينهن کي زندگي جو بهترين ڏينهن قرار ڏنو.
واضح رهي ته آمريڪا سان واسطو رکندڙ جمي ڊونلڊسن جو يوٽيوب چينل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سبسڪرائب ڪيل چينل آهي.
ٿيا بوئيسن به مشهور يوٽيوبر آهي ۽ سندس تعلق ڏکڻ آفريڪا سان آهي، هن قانون ۽ نفسيات ۾ ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ هوءَ اڪثر مسٽر بيسٽ جي وڊيوز ۾ به نظر ايندي آهي.
ٻنهي جي پهرين ملاقات 2022ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿي هئي، هڪ انٽرويو دوران ٿيا بوئيسن چيو هو ته ”جڏهن مان بيسٽ سان مليس ته مون کي حيرت ٿي ته هو تمام گهڻو ملنسار ۽ ذهين آهي.“
پهرين ملاقات کانپوءِ ٻنهي جو رابطو برقرار رهيو ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان محبت ۾ گرفتار ٿي ويا.
ٻنهي جي شادي نيڪر آئيلينڊ ۾ ٿي، جنهن ۾ 70 دوستن ۽ خاندان جي ويجهن ماڻهن شرڪت ڪئي، شادي جون تقريبون 14 جولاءِ کان شروع ٿيون، جيڪي هڪ هفتي تائين جاري رهيون.
You might also like