ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي نوجوانن ۽ راندين واري مملڪتي وزير امين الحق چيو آهي ته ملڪ سيپٽمبر ۾ ڀارت جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پراميد آهي ۽ پڪ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ويڇا راندين جي سفارتڪاري ذريعي ختم ڪري سگهجن ٿا.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) سال جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته هو آگسٽ-سيپٽمبر 2026ع ۾ ڀارت جي ٽن ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز جي ميزباني ڪندو.
اها سيريز پهريان 2025ع ۾ شيڊيول هئي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪئي وئي هئي.
گذريل ڪجهه عرصي دوران بنگلاديش ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، جنهن سبب اڳوڻي يونس حڪومت سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا.
ڀارت خلاف سيريز لاءِ نشرياتي حق وڪرو ڪرڻ جو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ اميدون وڌيون هيون ته دورو ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ ڀارت جي سريلنڪا دوري جي شيڊيول ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل نه ٿيڻ به بنگلاديش ڏانهن اشارو ڏنو هو.
بي سي بي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڀارت خلاف سيريز لاءِ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا.
ان باوجود سيريز بابت ٻيهر خدشا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن بي سي بي ميڊيا رائيٽس جي وڪري جو عمل عارضي طور روڪي ڇڏيو.
امين الحق ڍاڪا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت راندين جي سفارتڪاري کي وڏي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ عالمي سطح تي بنگلاديش لاءِ عزت ۽ اهميت رکي ٿي.
هن چيو ته بنگلاديش ۽ ڀارت هڪ ٻئي سان رابطو ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته سيپٽمبر ۾ ڀارتي ٽيم بنگلاديش جو دورو ڪندي.
امين الحق وڌيڪ چيو ته ماضي جي هڪ ننڍڙي واقعي سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي راندين، رابطن ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته بنگلاديش جي راندين واري وزارت ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻڻ واري فيصلي جي سببن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي هئي.
You might also like