بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان، ڪمنز ووڊ ڪپتان، هيزل ووڊ ۽ ليون جي واپسي

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) آگسٽ ۾ بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 13 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ نٿن ليون انجري مان ڇوٽڪارو ماڻڻ کانپوءِ ِ ٽيم ۾ واپس شامل ٿي ويا آهن.
هيزل ووڊ ايشيز دوران ايڪيلس جي تڪليف سبب سموري سيريز کان ٻاهر رهيو هو، جڏهن ته نٿن ليون ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ هيمسٽرنگ انجريءَ کانپوءِ سرجري ڪرائي هئي.
پيٽ ڪمنز به پٺي جي انجري مان صحتياب ٿيڻ بعد رڳو ايڊيليڊ ٽيسٽ کيڏيو هو، جڏهن ته ايشز سيريز ۾ فيصلائتي سرسي کانپوءِ احتياطي طور آخري ٻن ٽيسٽن ۾ کيس آرام ڏنو ويو.
هيزل ووڊ ۽ ڪمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به نه کيڏي سگهيا هئا، جڏهن ته ليون ايڊيليڊ ٽيسٽ کانپوءِ ڪنهن به مقابلي واري ميچ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.
چيف سليڪٽر جارج بيلي چيو ته ٽنهي رانديگرن بحالي لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ سندن واپسي ٽيم لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي.
سينيئر رانديگرن جي واپسي سبب مائيڪل نيسر ۽ برينڊن ڊاگٽ کي اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ملي سگهي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي آف اسپنر ٽوڊ مرفي سميت ٻين رانديگرن کي به طلب ڪري سگهجي ٿو.
آسٽريليا جي بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، اسڪاٽ بولينڊ، اليڪس ڪيري، ڪئمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، جيڪ ويدرالڊ ۽ بيو ويبسٽر.
واضح رهي ته آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ13 کان 17 آگسٽ، ڊاروِن ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 22 کان 26 آگسٽ تائين ميڪائي شيڊيول آهي.
ياد رهي ته هي سيريز ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي، جنهن ۾ آسٽريليا هن وقت 87.50 سيڪڙو پوائنٽس سان سرفهرست آهي.

You might also like