منهنجو ڪم ميدان تي پرفارم ڪرڻ آهي، ميدان کان ٻاهر شور مچائيندڙن سان فرق نه ٿو پوي: روهت شرما

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان روهت شرما انگلينڊ خلاف لارڊز ۾ ٽِين ون ڊي ميچ دوران سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ جي مستقبل بابت ٿيندڙ ڳالهين کي ”شور“ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ڳالهيون گهڻي اهميت نٿيون رکن.
روهت شرما آچر ڏينهن ڪرڪيٽ جي گهر لارڊز ۾ 110 بالن تي 138 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، پر ڀارتي ٽيم انگلينڊ جي 388 رنسن جي هدف جو جواب ۾ مقرر اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 360 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 27 رنسن تان ميچ ۽ سيريز هارائي وئي.
ميچ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي روهت شرما چيو ته ”منهنجو ڪم بيٽنگ ڪرڻ، ميدان تي اچڻ، پنهنجي ملڪ ۽ ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ آهي، ڊيبيو کان وٺي مون کي اهو ئي چيو ويو آهي ۽ مان اهو ئي ڪندو رهندس.“
هن چيو ته ”جڏهن کان مون ڪرڪيٽ شروع ڪئي آهي، تڏهن کان اهڙي قسم جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن ۽ جيستائين مان هتي آهيان، اِهو سلسلو هلندو رهنديون. پر انهن ڳالهين سان گهڻو فرق نٿو پوي.“
روهت وڌيڪ چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته مان ميدان تي ڇا ڪريان ٿو، ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪيترو حصو وجهان ٿو. منهنجو ڌيان رڳو ان تي آهي، شور رهڻ ڏيو، جيڪڏهن لُڙ نه هوندو ته مزو به نه ايندو، منهنجو ڪم ميدان جي اندر آهي ۽ انهن جو ڪم ميدان کان ٻاهر.“
واضح رهي ته روهت جي ريٽائرمينٽ بابت ڳالهيون ان وقت شروع ٿيون، جڏهن هن ڪارڊف ۾ ٻي ون ڊي دوران 47 بالن تي 26 رنسون ٺاهيون هيون.
ان کان اڳ ايجبسٽن ۾ پهرين ون ڊي ۾ هن 21 بالن تي 11 رنسون ٺاهي سگهيو هو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا انهن افواهن کي رد ڪندي چيو هو ته روهت جو لارڊز ۾ آخري ميچ کيڏڻ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
رپورٽن موجب، سليڪٽرز روهت، جنهن جي عمر هاڻي 39 سال آهي، کيس ٻڌايو ويو هو ته 2027ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ نوجوان اوپنرز کي موقعا ڏنا ويندا.
ڀارت جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان شُڀمَن گِل به روهت جي ون ڊي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ وارين ڳالهين کي رد ڪندي چيو ته ”هن اسان کي ڪجهه به ناهي ٻڌايو، اها ڳالهه رڳو ميڊيا ۾ هلي رهي آهي، ٽيم اندر اهڙي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.“
روهت شرما ڀلي ڀارتي ٽيم لاءِ آخري ميچ نه کيڏيو هجي، پر انگلينڊ ۾ ڀارت لاءِ سندس آخري ميچ ضرور هئي، اها روهت ۽ ويرات ڪوهلي جي گڏيل طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 400هين ميچ پڻ هئي.
ٻنهي رانديگرن ٻي وڪيٽ لاءِ 86 بالن تي 113 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جنهن ۾ روهت 48 بالن تي 71 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ڪوهلي 38 رنسون ٺاهيون.
روهت شرما افغانستان خلاف ڌرمشالا ۾ جون مهيني دوران ڀارت لاءِ ون ڊي کيڏندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو مرد ڪرڪيٽر بڻجي ويو هو، جنهن دوران هن مهيندر امرناٿ جو رڪارڊ ٽوڙيو.

You might also like