ڪراچي جي ريگل چوڪ جو نالو بدلائي ”ختمِ نبوت صه چوڪ“ رکڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ريگل چوڪ جو نالو بدلائي ”ختمِ نبوت ﷺ چوڪ“ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميئر ڪراچي ميونسپل ڪمشنر ۽ سٽي ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ريگل چوڪ جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي هن چيو ته ربيع الاول جي موقعي تي ختمِ نبوت ﷺ چوڪ جي نئين سر اڏاوت ۽ خوبصورتيءَ جو ڪم ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ربيع الاول دوران سڄي شهر ۾ خاص صفائي جا انتظام ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪراچي ۾ روشني ۽ سينگار جا به بهترين انتظام ڪيا ويندا.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن محرم الحرام دوران مثالي انتظام ڪيا هئا ۽ ربيع الاول ۾ به شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته هن ڀلاري مهيني دوران سمورا لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ رهندا ته جيئن مذهبي تقريبون پرامن ۽ بهتر نموني سان ٿي سگهن.

You might also like