اليڪشن کٽي ته شهباز شريف کي چوندس مون کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻائي: نواز شريف

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪاميابي ملي ته وزيراعظم شهباز شريف کي چوندس ته مون کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻايو.
مظفرآباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته کيس مظفرآباد، والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير سان ڏاڍي محبت آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ موٽروي، هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس ويز ٺهيا، پر مظفرآباد جي روڊن جي حالت اڃا تائين ساڳي آهي، جيڪا 30 سال اڳ هئي.
هن چيو ته جڏهن هو پاڪستان جو وزيراعظم هو ۽ راجا فاروق حيدر آزاد ڪشمير جو وزيراعظم هو، تڏهن مانسهرا کان مظفرآباد ۽ پوءِ مظفرآباد کان ميرپور تائين جهلم درياهه سان گڏ هڪ خوبصورت موٽروي ٺاهڻ جو منصوبو منظور ڪيو ويو هو، جيڪو آزاد ڪشمير لاءِ مسلم ليگ (ن) جو وڏو تحفو هو.
نواز شريف چيو ته جيڪڏهن اهو منصوبو مڪمل ٿئي ها ته آزاد ڪشمير ۾ روڊن، اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڄار وڇائجي وڃي ها ۽ خوشحالي اچي وڃي ها.
هن چيو ته هن ڪڏهن به آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن وچ ۾ فرق نه ڪيو، آزاد ڪشمير به سندس لاءِ پنجاب جيترو ئي عزيز آهي ۽ سندس وڏڙا به ڪشمير مان لڏي آيا هئا.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن مريم نواز کي چيو آهي ته جيئن مهمان ڪنهن جي گهر ويندا آهن ته مٺائي يا تحفو کڻي ويندا آهن، تيئن هوءَ به ڪشمير لاءِ تحفا کڻي وڃي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺهي ته سڀ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.
نواز شريف چيو ته جيڪڏهن اليڪشن کٽي ته منهنجي خواهش آهي ته شهباز شريف کي چوان ته مون کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻايو وڃي. جيڪڏهن اهو نه به ٿيو ته به هر ٽن مهينن کانپوءِ مظفرآباد، راولاڪوٽ ۽ ٻين شهرن جو دورو ڪري منشور تي عملدرآمد جو جائزو وٺندس.
هن چيو ته مريم نواز پاران مظفرآباد لاءِ 10 گرين بسون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پهچي وينديون، جڏهن ته 15 موبائل اسپتال پڻ فراهم ڪيا ويندا.
نواز شريف افسوس ظاهر ڪندي چيو ته اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته کيس کٽ تي کڻي اسپتال پهچايو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي مريض رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏين ٿا.
هن چيو ته سندس حڪومت جا شروع ڪيل منصوبا مڪمل نه ٿيڻ سبب گهڻو وقت ضايع ٿيو، جنهن جو کيس ڏک آهي.
هن الزام لڳايو ته هن کانپوءِ آيل حڪومت رڳو نعريبازي ڪئي ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ٻيهر اقتدار ۾ آئي ته سڀ کوٽون پوريون ڪنداسين.

 

You might also like