اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تازي سخت خطاب ۽ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي ردعمل ظاهر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي صبر، بردباري ۽ ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جمعيت لائرز فورم جي ڪنوينشن ۾ مولانا فضل الرحمان جي خطاب سان ملڪ جي سياسي ماحول ۾ تلخيون وڌيڪ وڌي رهيون آهن. فيصلا ڪندڙ ڌرين کي هن وقت انتهائي ٿڌي دماغ سان سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ سياسي ماحول ايترو گرم ٿي ويو آهي جو هر اها آواز، جيڪا عقل ۽ دانائي جي ڳالهه ڪري ٿي، ان کي دٻائڻ يا ختم ڪرڻ کي حڪمت عملي سمجهيو پيو وڃي.هن وفاقي حڪومت ۽ ٻين قومي سياسي پارٽين تي به تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ جون وفاقي جماعتون هن سياسي ۽ آئيني تڪرار کي مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ تي ڇڏي پاڻ پاسي تي ٿي ويون آهن.