ملتان ۾ جاويد هاشمي ۽ ٻن ناٺين خلاف بجلي چوري جا ڪيس داخل

ملتان (م ڊ) ملتان ۾ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي ۽ سندس ٻن ناٺين خلاف مبينا بجلي چوري جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا، پوليس موجب ٽنهي ڄڻن خلاف مخدوم رشيد ٿاڻي ۾ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) جي اختيارين موجب ڪيس ايس ڊي او ميپڪو جي فرياد تي داخل ڪيا ويا، جڏهن ته جاويد هاشمي جي گهر جي بجلي ڇنڇر جي شام ڪٽي وئي هئي،  ميپڪو جي ترجمان موجب مختلف هنڌن تي ڪارروائين دوران بجلي چوري پڪڙي وئي، جتي جوابدار مبينا طور سڌيون ڪنڊيون هڻي بجلي استعمال ڪري رهيا هئا، ترجمان موجب ڪارروائي دوران بجلي جا ميٽر تحويل ۾ ورتا ويا آهن ۽ قانوني ڪارروائي جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي.

 

You might also like