لاهور (بيورو) لاهور جي علائقي ڊفينس اي ۾ ويڪ اينڊ نائيٽ دوران هڪ نوجوان طرفان هوائي فائرنگ ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ پوليس جوابدار اسامه کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جي گاڏي ويجهو نوجوان پاران فائرنگ ڪي وئي، ڊي آءِ جي آپريشن جي ترجمان موجب ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ترجمان موجب هوائي فائرنگ جو واقعو گذريل رات ڊفينس اي جي حدن ۾ پيش آيو. جوابدار جي گرفتاري لاءِ سيف سٽي اٿارٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وئي، جڏهن ته سندس استعمال هيٺ آيل گاڏي به تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي، ڊي آءِ جي آپريشن فيصل ڪامران چيو ته هوائي فائرنگ ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف به ڪارروائي جاري آهي، واقعي بابت وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مون کي نشانو بڻائي فائرنگ نه ڪئي وئي، پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ وڃي رهيو هيس ته هڪ گاڏي کاٻي پاسي کان اوور ٽيڪ ڪئي ۽ هڪ نوجوان پنج فائر ڪيا، گاڏي جو پيڇو ڪيو ۽ ويجهو موجود پوليس ناڪي کي به اطلاع ڏنو، هن چيو ته نوجوان مون مٿان نشانو بڻائي فائرنگ نه ڪئي، پر ڊفينس مين بليوارڊ تي تيز رفتار گاڏي مان پسٽل ٻاهر ڪڍي هوائي فائرنگ ڪئ، مون کي هرگز نشانو نه بڻايو ويو.