رائونتي جي ڪچي ۾ ڊرون حملو، نينگري ۽ عورت مارجي ويون

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:علي وسير) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ڇلو شر ۾ مبينه ڊرون حملي ۽ پوليس آپريشن دوران ھڪ معصوم نينگري ۽ عورت مارجي ويون، رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ڇلو شر ۾ مبينه ڊرون حملي ۽ پوليس آپريشن دوران ھڪ عورت مسمات سومري ۽ ھڪ معصوم نينگري ريحانه شر موقعي تي ئي مارجي ويون، ھڪ معصوم نينگري لطيفان ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي پئي ان سلسلي ۾ مارجي ويل عورت جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان مسڪين ماڻھون  آھيون اسان تي ڪوبه ڪيس داخل ناھي ايس ايڇ او رائونتي عبدالجبار مھر ڊرون حملو ڪرائي بي گناھ اسان جي معصوم نياڻي ۽ عورت کي قتل ڪرايو آھي، اسان رابطو ڪيون ٿا ته ايس ايڇ او رائونتي عبدالجبار مھر فون اٽينڊ نٿو ڪري جنھن سبب معصوم نياڻي ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل نه ڪري سگھيا آھيون، ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي رائونتي پوليس ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي موجب گهوٽڪي پوليس جو ڪو به آپريشن جاري ناهي ۽ نه ئي هي واقعو پوليس آپريشن دوران پيش آيو آهي شر برادري جي بدنام ڌاڙيل راڻو شر ۽ بخت علي پاران مبينا طور ڊرون هلائڻ جو تجربو ڪن پيا ان دوران ڊرون هڪ گهر جي ڇت تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ نينگري مارجي وئي، جڏهن ته هڪ ٻي عورت ۽ هڪ نينگري زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like