سکر (رپورٽ: سيد نعيم شاهه) پريا ڪماري، اجالا پروين سميت ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ 24 هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو ويو، قومي شاهراهه تان ڌرڻو ختم ڪرڻ، پوليس کي ڏنل ٽن ڏينهن جي اليٽي ميٽم، سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد ۽ ڌمڪين بابت احتجاج دوران پريا ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سهڻي پارس ۽ ڪنوينر لياقت جلباڻي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته رڳو ٻار پيا گھرون ڪا سياسي ايجنڊا ناھي، ذميوار ملڻ لاءِ تيار ئي ناھن، ڌمڪيون مليون آهن، ڪجهه به ٿيو ته ذميوار وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار هوندي، احتجاجي ڪيمپ واري هنڌ مغوي ٻارن جي وارثن ۽ پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سهڻي پارس چيو ته اسان هن وقت تائين پرامن احتجاج ڪيو آهي، ڪنهن کي ڪو نقصان ناهي ڏنو، اسان کي ڪجهه نٿو کپي، اسان سياستدان ناهيون، اسان کي ٻار کپن، ٻارن جي آزادي واري سوال تي ڪنهن به جواب ناهي ڏنو، ڪنهن موٽ ناهي ڏني، احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي مطالبن جي مڃتا تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور پاران احتجاجي ڪئمپ تي اچي ٽن ڏينهن اندر ڪيسن ۾ اڳڀرائي ۽ روزاني بنياد تي جاچ بابت بريفنگ ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا، پر انهن تي عمل نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪنهن به ڪيس ۾ ڪا نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، احتجاج ڪندڙن ۽ متاثر خاندانن تي مختلف طريقن سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ وارثن کي پوليس وٽ پيش ٿيڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب وارثن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، پوليس واعدن جي ابتڙ نه روزاني بريفنگ ڏني ۽ نه ئي ڪنهن خاطري جو عملي ثبوت ڏنو، پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن پوليس کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ تائين معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ عملي اڳڀرائي نه ٿي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه سان گڏ ريلوي ٽريڪ پڻ بند ڪيو ويندو، هاڻي حڪومت وٽ ٻه ئي رستا آهن، يا ته ٻارڙن کي بازياب ڪرائي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي يا وري سخت احتجاج لاءِ تيار رهي، هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل جي مخالف ڌر پڻ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي قائم احتجاجي ڪيمپ سان هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو، مخالف ڌر سنڌ جي سموري وڪيل برادري کي اپيل ڪئي ته هو گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ هلندڙ پُرامن تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري جائز مطالبن جي حمايت ڪندا، سنڌ بار ڪائونسل جي مخالف ڌر سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پُرامن احتجاج خلاف ڪنهن به قسم جو طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته ان جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس تي عائد ٿيندي، احتجاجي ڪئمپ ۾ موجود اڳواڻن واضح ڪيو ته سندن مطالبا تسليم ٿيڻ ۽ معصوم ٻارڙن جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رهندو.