غزا ۾ فلسطينين جي قتل عام خلاف لنڊن ۾ هزارين ماڻهن جو احتجاج

لنڊن(عوامي آواز نيوز)غزا  ۾ اسرائيل جي فوجي ڪاررواين دوران فلسطينين جي قتل عام خلاف لنڊن ۾ هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو .جنگ مخالف تنظيمن جي اتحاد پاران اسرائيلي ڪاررواين خلاف مرڪزي لنڊن ۾ احتجاج منظم ڪيو ويو. احتجاجي مارچ رسل اسڪوائر کان شروع ٿي ڊائوننگ اسٽريٽ آڏو ختم ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.مظاهرين غزه ۾ فلسطينين جي قتل عام کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.شرڪت ڪندڙن چيو ته هو برطانيا جي نئين وزيراعظم اينڊي برنهم کي اهو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته اسرائيل نه رڳو غزا، پر ايران ۽ لبنان ۾ به جنگي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري تل ابيب کي وڌيڪ جنگ کان روڪيو وڃي.مظاهرين وڌيڪ مطالبو ڪيو ته معصوم فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن سبب اسرائيل تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪيون وڃن.

 

You might also like