ٽنڊو الهيار ۾ پيءُ معصوم پٽ کي ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو، جي آءِ ٽي قائم

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊو اليهار شھر جي مدينا ڪالوني ۾ قتل جو جيءُ جھوريندڙ واقعو پيش آيو جتي مبينا طور تي پيءُ پنھنجي 4 ورھين جي  معصوم پٽ کي ڇري سان ڪُھي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻار جي والد کي گرفتار ڪري ورتو ۽ لاش کي سول اسپتال پھچايو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شھر جي طالب الموليٰ ڪالوني جي رھواسي ممتاز قمبراڻي ناراض ٿي ويل زال جي ساهُرن جي گھر ۾ رات جو 3 وڳي ڌاري مبينا طور تي پنھنجي 4 ورھين جي پٽ فياض کي ڇري سان ڪُھي قتل ڪري ڇڏيو، ممتاز جي زال ۽ مقتول ٻارڙي جي ماءُ جو چوڻ هو ته آئون ناراض ٿي مائٽن جي گھر ۾ ترسيل آھيان، منھنجو مڙس رات جو 3 وڳي ڌاري گھر آيو ۽ ٻارڙن کي ڏسڻ جي خواھش ظاھر ڪيائين جنھن تي منھنجي ڀاءُ کيس چيو ته ڏينھن جي وقت اچجان ۽ ممتار ھليو ويو، ممتار ٻيھر موٽي آيو ۽ ٻارڙي فياض کي ڪمري ۾ کڻي وڃي ڇري سان ڪُھي ماري ڇڏيو، مقتول جي والده موجب ان بعد ممتاز ٻاھر نڪري ويو ۽ واپس اچي گھوڙا گھوڙا ڪئي ته مون ٻار کي ناهي ماريو، وڊيو ۾ اھو به نظر آيو ته ممتاز قتل ڪيل ٻار کي ھنج ۾ کڻي سندس چھري تي اڏامندڙ مکين کي پري ڪندو رھيو، الزام ھيٺ آيل ممتاز پوليس موبائل ۾ ويھڻ دوران ٻار کي مارڻ کان انڪار پڻ ڪيو، ھن سلسلي ۾ ڪجھه ماڻھن پاران اھو خيال به ظاھر ڪيو پيو وڃي ته پيءُ سميت ٻار جي والده ۽ ٻار جي مامن کان پڻ قتل ٿيل ٻارڙي بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪري جاچ جو دائرو وڌايو وڃي ته جيئن معصوم ٻار جي قتل سان انصاف ٿئي ۽ حقيقي قاتل کي انجام تائين پھچائي سگھجي، ٻئي پاسي ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سيد سليم شاھ  شھر جي مدينا ڪالوني ۾ قتل ٿيل ٻار فياض قمبراڻي  جي قتل جي اڻ ڌري جاچ لاءِ ڊي ايس پي پوليس جي سربراهي ۾ 4 رڪني جي آئي ٽي ٺاھي ڇڏي، ايس ايس پي جو چوڻ آھي ته ٻار جي قتل وارو مامرو انتھائي حساس نوعيت جو آھي، الزام ھيٺ آيل ٻار جي پيءُ ۽ گھر واري وچ ۾ ناراضگيون ھجڻ سبب زال مڙس جو گھر ڇڏي پنھنجن مائٽن ۽ ڀائرن سان گڏ رھندڙ ھئي ۽ ٻار جو قتل اتي ئي ٿيو آهي، ان ڪري مامرو نھايت حساس نوعيت جو ھجڻ سبب وڌيڪ ۽ گھڻ رخي جاچ جي ڪرڻ جي ضرورت آھي، الزام ھيٺ آيل ٻار جي پيءُ جو چوڻ آھي ته منھنجي ۽ زال وچ ۾ ناراضگي جي بنياد تي مون تي قتل جو الزام مڙھي ڦاسايو پيو وڃي، مون نه پر منھنجي زال ڀائرن سان گڏجي پٽ کي قتل ڪيو آهي.

 

You might also like