ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله جي بيان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن جي ڀڙڪايل باهه کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن جي غير ذميواراڻن ۽ ڪشميري عوام خلاف ڏنل بيانن سبب ڪشمير ۾ ناڪاري فضا پيدا ٿي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي وزيرن غير سنجيده سياست جو مظاهرو ڪندي ڪشميري عوام جي توهين ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته غرور ۽ تڪبر جو عالم اهو آهي جو مسلم ليگ (ن) جا وفاقي وزير پنهنجن بيانن تي معافي وٺڻ کان به لنوائي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ قومي اڳواڻ آهي، جيڪو چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سگهاري آواز بڻجي اتان جي عوام جي احساسِ محرومي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هن وقت هڪ حقيقي مدبرِ اسٽيٽس مين (True Statesman) جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.