بلاول جون تقريرون ملڪ جون حالتون خراب ڪري سگهن ٿيون:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جون تقريرون ملڪ جي حالتن کي خراب ڪري سگهن ٿيون.هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله، بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي نامناسب قرار ڏيندي چيو ته خواجا آصف بابت بلاول جو رويو مناسب نه هو. سندس چوڻ هو ته ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نفرت واري سياست بدران قومي اڳواڻ طور ذميواراڻو انداز اختيار ڪرڻ گهرجي.رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ ڪنهن کي لت هڻي پارٽي مان ڪڍڻ جي نه ڪا روايت رهي آهي ۽ نه ئي آهي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي کي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ ڪالعدم قرار ڏنو، جنهن فيصلي جي وفاقي حڪومت حمايت ڪئي ۽ حڪومت ان فيصلي جي مڪمل پٺڀرائي ڪري رهي آهي. سندس الزام هو ته بلاول ڀٽو زرداري اشارن ۽ ڳجهين لفظن ۾ ان فيصلي جي مخالفت ڪري رهيا آهن.واضح / رهي ته ٻه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير دفاع خواجا آصف کي وفاقي ڪابينا مان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن چيو هو ته ڪشمير بابت وزير دفاع جو بيان حڪومت جي پاليسي آهي يا نه، ان بابت وزيراعظم شهباز شريف کي واضح وضاحت ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like