ڪوٽلي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ "تير” سان "شينهن” جو اهڙو شڪار ڪنداسين، جيڪو تاريخ هميشه ياد رکندي.ڪوٽلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم اڃا تائين دفاع واري وزير خواجا آصف جي ڪشمير بابت بيان تي وضاحت ناهي ڏني،ن ليگ جا وزير ڪشميرين کي نقصان پهچائي رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته جيستائين خواجا آصف وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهي، تيستائين هو ان بيان کي حڪومت جي پاليسي سمجهنداسين هن چيو ته ڪشمير بابت فيصلو صرف ڪشمير جا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ انٽرنيٽ تي لڳل پابندي فوري طور ختم ڪئي وڃي،ڪشمير مسئلي تي ڪميشن نٿا ٺاهي سگهو ته ڪو ٻيو حل ٻڌايو؟بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته جيڪڏهن مسئلو راولاڪوٽ ۾ آهي ته پوءِ ڪوٽلي ۾ انٽرنيٽ ڇو بند ڪيو ويو آهي؟ سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جي عملن جي سزا سمورن ڪشميرين کي نه ڏني وڃي.هن چيو ته هو عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ جيئن گلگت بلتستان ۾ حقِ حاڪميت، حقِ ملڪيت ۽ حقِ روزگار جو واعدو ڪيو ويو، تيئن آزاد ڪشمير جي عوام کي به اهي حق ڏيارڻ چاهي ٿو.بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت کي چونڊن ۾ شڪست ملي ۽ هاڻي آزاد ڪشمير ۾ به پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي نمائندن کي قومي اسيمبلي ۾ عبوري مبصر طور نمائندگي ملڻ گهرجي، جيئن هو قومي سطح تي ڪشميرين جو موقف پيش ڪري سگهن.بلاول ڀٽو ٻڌايو ته جڏهن هو مظفرآباد پهتو ته پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن کيس خط لکي ملڪ جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.هن تجويز ڏني ته موجوده صورتحال جي جاچ لاءِ هڪ ٽرٿ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا حقيقتون سامهون آڻي.سندس چوڻ هو ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين احتجاج عارضي طور روڪيو وڃي، جنهن سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو،حڪومت کان به مطالبو ڪريان ٿو ته ٽرٿ ڪميشن جي رپورٽ تائين ڪارروائي روڪي وڃي،هن چيو ته اڃا تائين احتجاج ڪندڙن منهنجي خط جو جواب ناهي ڏنو،نه ئي دفاع واري وزير ڏنو آهي،اسان ڪشمير جون حالتون بهتر ڪرڻ وارا آهيون،توهان جي سيالڪوٽ واري وزير جيڪو ڪشميرين خلاف بيان ڏنو ڇا اهو توهان جي پاليسي آهي؟جيڪو وزير ڪشمير کي،توهان کي نقصان پهچائي رهيو آهي ان کي پري ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته آزاد ڪشمير جي تاريخ جو هي سڀ کان اهم چونڊ آهي، ۽ گلگت بلتستان کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ به پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ڪئي ويندي.هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته جيئن لاڙڪاڻي جو ايم اين اي قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، تيئن ڪشمير جو ايم اين اي به ساڻس گڏ ويهي.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ئي اها جماعت آهي جيڪا ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي، ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پارٽي جي حڪومت قائم ڪئي ويندي.هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي سموري علائقي تي قبضي جا ارادا رکي ٿو، پر هو عالمي فورمن تي ڪشميرين جي آواز بڻجي نريندر مودي حڪومت کي ڀرپور جواب ڏيندو رهندو.بلاول ڀٽو چيو ته ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ تڪرارن جو منصفاڻو حل ضروري آهي.هن چيو ته اهي پ پ ۽ جيالن کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا،توهان اليڪشن ٿيڻ ڏيو ان کانپوءِ مان پاڻ توهان کي ڏسي رهندس،اليڪشن ۾ پارٽين لاءِ مشڪل هوندي آهي،هن چيو ته ڪشمير جي موجوده حالتن سان هر ڪشميري پريشان آهي،مون کي احساس آهي،