قبض کان بچڻ ۽ آرام حاصل ڪرڻ جا قدرتي طريقا

هڪ اندازي موجب دنيا جي لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو آبادي قبض جي مسئلي جو شڪار آهي. گهڻو وقت ويهي رهڻ، گهٽ پاڻي پيئڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن ڪري ماڻهو هن عام تڪليف ۾ مبتلا ٿين ٿا. جيتوڻيڪ قبض وڏي عمر جي ماڻهن ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر هر عمر جا ماڻهو ان کان متاثر ٿي سگهن ٿا.

ماهرن موجب، هن مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سادا گهريلو طريقا مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

فائبر سان ڀرپور خوراڪ:

دالون، ٻج، ڀاڄيون ۽ ميوا فائبر جا بهترين ذريعا آهن. فائبر هاضمي کي بهتر بڻائي آنڊن جي حرڪت کي وڌائي ٿو، جنهن سان قبض کان آرام ملي سگهي ٿو.

ڪافي ۽ گرم مشروبات:

ڪافي آنڊن کي متحرڪ بڻائي ٿي، جڏهن ته هربل چانهه يا ليمي يا ماکي سان گرم پاڻي پيئڻ به قبض ۾ فائدو ڏئي سگهي ٿو.

خشڪ آلوبخارا:

خشڪ آلوبخارن ۾ موجود سوربيٽول (Sorbitol) قدرتي جلاب وانگر ڪم ڪري ٿو، جنهن سان قبض کان آرام ملي سگهي ٿو. پر ان جو گهڻو استعمال هاضمي کي خراب ڪري سگهي ٿو.

ورزش ۽ هلڻ:

روزانو گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽن جي پنڌ سان آنڊن جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي ۽ هاضمو به بهتر رهي ٿو.

گهڻو پاڻي پيئڻ:

فائبر سان گڏ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ به ضروري آهي. ماهرن موجب، اڪثر ماڻهن لاءِ روزانو 6 کان 8 گلاس پاڻي فائديمند هوندو آهي.

ڏهي جو استعمال:

ڏهي ۾ موجود پروبائيوٽڪس (Probiotics) هاضمي واري نظام کي بهتر بڻائين ٿا ۽ قبض سميت ڪيترن ئي هاضمي جي مسئلن کان بچاءُ ۾ مدد ڏين ٿا.

پري بائيوٽڪس واريون غذائون:

ڪيلا، ٿوم، بصر ۽ چڻا پري بائيوٽڪس سان مالا مال هوندا آهن، جيڪي فائديمند بيڪٽيريا جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪري هاضمي کي بهتر بڻائين ٿا.

ڪشمش ۽ خوباني:

ڪشمش ۾ فائبر ۽ ٽارٽيرڪ ايسڊ (Tartaric Acid) موجود هوندو آهي، جيڪو قدرتي جلاب جهڙو اثر ڏئي قبض کان آرام پهچائي سگهي ٿو. خوباني به ان حوالي سان فائديمند سمجهي وڃي ٿي.

نوٽ: هي معلومات طبي تحقيق ۽ ماهرن جي سفارشن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن قبض جو مسئلو بار بار ٿئي يا گهڻو وقت برقرار رهي ته ضرور پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو.

You might also like