ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سهيل خان انڪشاف ڪيو آهي ته هو ننڍپڻ ۾ جنسي هراساني جو شڪار ٿيو هو، پر هن ڪيترن ئي سالن تائين اهو صدمو ڪنهن سان به شيئر نه ڪيو.
ڀارتي ريئلٽي شو دوران هڪ ساٿي مقابلي ڪندڙ سان ڳالهائيندي سهيل خان پنهنجي ٻالڪپڻ جي هڪ تلخ واقعي جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته جڏهن هو تمام ننڍو هو ته کيس جنسي هراساني جو نشانو بڻايو ويو، پر هو سالن تائين خاموش رهيو.
اداکار وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن کي به تنگ ڪرڻ يا بدمعاشي ڪرڻ جي سخت خلاف آهي ۽ پنهنجي ٻارن کي بار بار چوندو آهي ته جيڪڏهن ڪو کين تنگ ڪري يا هراسان ڪري ته بنا ڊپ جي والدين کي ٻڌائين، ڇو ته هو پاڻ به اهڙي تجربي مان گذري چڪو آهي.
سهيل خان ٻڌايو ته جڏهن هو وڏو ٿيو ته هن پنهنجي والد سان اهو واقعو شيئر ڪيو، جنهن تي سندس والد پڇيو ته ”تون ان وقت ڇو نه ٻڌايو؟“
اداکار موجب سندس جواب اهو هو ته هو شرمندگي محسوس ڪندو هو، جيتوڻيڪ غلطي سندس نه هئي، پر ان وقت کيس شرم پئي آيو.