ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ڪراچي جي موسم گهڻو ڪري جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ سڄو ڏينهن تيز هوائون هلڻ سان گڏ برسات پوڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته سومر تي به شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.