واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولت لاءِ نئون فيچر آڻي ڇڏيو!

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) ميٽا جي ملڪيت واري ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي نئين يوزرنيم فيچر جو رول آئوٽ محدود واهپيدارن لاءِ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان هاڻي فون نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ به چيٽ شروع ڪري سگهجي ٿي.

واٽس ايپ ڪجهه عرصو اڳ يوزرنيم محفوظ ڪرڻ جو آپشن متعارف ڪرايو هو، جڏهن ته هاڻي اهو فيچر چونڊيل واهپيدارن کي استعمال لاءِ فراهم ڪيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ واٽس ايپ تي اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا به فون نمبر ضروري هوندو، پر نئين فيچر سان واهپيدار پنهنجو ذاتي فون نمبر لڪائي صرف يوزرنيم ذريعي ٻين سان رابطي ۾ اچي سگهندا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آزمائشي مرحلي کانپوءِ يوزرنيم فيچر بيٽا واهپيدارن سان گڏ ڪجهه عام واهپيدارن کي پڻ فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪي هوم اسڪرين تي نئون بينر ڏسي سگهن ٿا، جنهن ۾ فيچر جي دستيابي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب، واهپيدار پنهنجي منفرد يوزرنيم کي نون رابطن سان فون نمبر بدران شيئر ڪري سگهندا.

واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته يوزرنيم مڪمل طور اختياري (Optional) فيچر هوندو، يعني واهپيدار چاهي ته رڳو فون نمبر استعمال ڪري يا فون نمبر سان گڏ يوزرنيم به رکي سگهي ٿو. ميٽا اڃا واضح ناهي ڪيو ته هڪ واهپيدار ڪيترا ڀيرا يوزرنيم تبديل ڪري سگهندو، پر ڪمپني اشارو ڏنو آهي ته ان لاءِ ڪجهه حدون ضرور هونديون.

واٽس ايپ موجب، جيڪڏهن واهپيدار چاهي ته پنهنجي فيس بڪ يا انسٽاگرام وارو يوزرنيم به واٽس ايپ تي استعمال ڪري سگهي ٿو. هر يوزرنيم 3 کان 35 اکرن تي ٻڌل هجڻ لازمي هوندو.

You might also like