نصير مرزا جو جنم ڏينهن ۽ سندس وجود جا دلڪش رنگ

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

سڀاڻي ويهه جولاءِ تي ڪيڪ ڪاٽيو ويندو، ميڻ  بتيون ٻرنديون ۽ پوءِ ”هيپي برٿ ڊي“ جا پيغام ملڻ شروع ٿيندا. سنڌ جي ٻهڳڻي، هر دل عزيز ۽ هاڪاري قلمڪار نصير مرزا کي، سڀاڻي اسان جڏهن سندس سالگرهه جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪنداسين ته اصل ۾ اسان هڪ اهڙي دؤر کي سلام پيش ڪنداسين، جنهن ۾ قلم جي حرمت آهي، جنهن جي لکڻين ۾ جادوءَ جا جلوا آهن، ڳالهاءَ ٻولهاءَ ۾ شائستگي آهي، اختلاف ۾ تهذيب آهي ۽ لڳ لاڳاپن ۽ دوستيءَ ۾ اتاهون خلوص ۽ سچائي آهي. اها رڳو هڪ ماڻهوءَ جي سالگرهه ناهي، پر انهن قدرن جي به سالگرهه آهي، جن کي نصير مرزا پنهنجي سڄي ڄمار جيئرو رکيو.

ڪي شخصيتون پنهنجي زندگيءَ جا سال ناهن ڳڻينديون، اهي هر گذرندڙ سال سان گڏ پنهنجي علم، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي تخليقي روشنيءَ سان مالا مال ڪنديون پئي رهنديون آهن. نصير مرزا به هڪ اهڙي ئي نرالي ۽ املهه شخصيت آهي، جنهن پنهنجي شاعري، نثر، براڊ ڪاسٽنگ، ميزباني، ڪالم نگاري ۽ خاڪا نگاريءَ وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي هڪ نئين سگهه، هڪ نئين سڃاڻپ ۽ هڪ نئون وقار بخشيو آهي، تنهن ڪري سڀاڻي هڪ اهڙي تخليقي روايت، تهذيبي شعور ۽ ادبي سفر جو جشن آهي، جنهن ڪيترن ئي نسلن جي علمي ۽ فڪري تربيت ڪئي آهي ۽ جنهن اهو وکر وهائيو آهي، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿو ٿي سگهي.

سڀاڻڪو ڏهاڙو اسان کي اهو به سوچڻ تي مجبور ڪندو ته هڪ انسان پنهنجي حصي جي زندگيءَ ۾ پنهنجي دؤر کي ڇا ڏنو؟ ان کانپوءِ ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڇڏيو؟ ۽ سندس لفظن، سندس آواز ۽ سندس ڪردار ڪيترين دلين جي ٻاٽ کي لاٽ ۾ بدلايو؟ ان سان گڏ اسان اهو به ضرور سوچينداسين ته نصير مرزا اهو انسان آهي جنهن پنهنجي پياري عمر جا سال رڳو گذاريا ڪونهن، پر انهن کي ڪتابن، لکڻين، نشريات، يادن ۽ محبتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ اهو شخص آهي، جنهن جي باري ۾ هڪ ڪچو ڦڪو ليک لکندي مون کي بار بار اهو احساس ٿي رهيو آهي ته مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو ذڪر ڪونه پيو ڪريان، پر هڪ اهڙي تهذيبي روايت جو احوال پيو قلمبند ڪريان، جنهن ۾ علم به آهي، ڏاهپ به آهي، ادب به آهي، احساس به آهي ته وقار ۽ شان مانُ پڻ.

مان اڪثر ڪري اهو سوچيندو آهيان ته هڪ انسان جي اصل سڃاڻپ ڇا هوندي آهي؟ سندس سرجيل ڪتاب؟ سندس اعزاز ۽ انعام اڪرام،؟ سندس عهدو يا نوڪري؟ يا وري اهو اثر ۽ ڇاپ جيڪا هو ٻين جي زندگين تي ڇڏيندو آهي؟ جيڪڏهن هي آخري معيار درست مڃجي ته پوءِ نصير مرزا پَڪ سان پنهنجي دؤر جو هڪ ڪامياب ۽ مقبول انسان آهي، ڇو جو هن رڳو لکيو ڪونهي، پر لکندڙن کي اعتماد به ڏنو آهي. هن رڳو ڳالهايو ناهي، پر ٻڌڻ جو ڍنگ به سيکاريو آهي. هن رڳو ميزباني ناهي ڪئي، پر ڳالهائڻ کي تهذيب به عطا ڪئي آهي. هن رڳو شاعري ناهي ڪئي، پر احساسن جي زبان کي هڪ نئين لطافت به بخشي اٿائين ۽ ها! ريڊيو پاڪستان ۾ رڳو نوڪري ئي ڪونه ڪئي اٿائين، پر ان اداري اندر هڪ اهڙي علمي، ادبي ۽ فڪري روايت به قائم ڪئي اٿائين، جنهن جو احترام هر ماڻهو دل سان ڪري ٿو. ريڊيو پاڪستان جي تاريخ رڳو نشريات جي تاريخ ڪونهي، اها هن ملڪ جي تهذيبي ۽ لساني تربيت جي تاريخ پڻ آهي. ڪو وقت هيو، جڏهن مائڪرو فون آڏو ويهڻ کان اڳ ٻوليءَ کي سنواريو ويندو هيو، لفظن جي صحت ۽ درستگيءَ تي محنت ڪئي ويندي هئي ۽ خاموشيءَ جي وقفي کي به هڪ معنيٰ ڏني ويندي هئي. نصير مرزا ان شاندار روايت جو امين آهي. هن ريڊيو کي رڳو هڪ سرڪاري ادارو ئي ڪونه سمجهيو، پر ان کي قومي ۽ ادبي شعور جي هڪ درسگاهه سمجهيو، کيس ڄاڻ هئي ته نشر ٿيندڙ هر لفظ هڪ ذميداري هوندي آهي، هڪ امتحان هوندو آهي. شايد ان ئي احساس کيس هڪ ذهين ۽ ڪامياب پروڊيوسر، هڪ شاندار منتظم ۽ رهنما بڻايو.

گهڻن دوستن کي اها سُڌ ڪونه هوندي ته نصير مرزا کي ريڊيو پاڪستان سان گڏ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر طور خدمتون انجام ڏيڻ جو موقعو به مليو هيو، پر هن پنهنجي فطري وابستگي ۽ تخليقي مزاج ڪري ريڊيو پاڪستان کي پنهنجي عملي زندگيءَ جو مستقل سفر بڻايو. تنهن هوندي به اهو فيصلو ڪڏهن به پي ٽي ويءَ سان سندس علمي ۽ ادبي ڳانڍاپي جي واٽ ۾ رڪاوٽ ڪونه بڻيو. هن پي ٽي ويءَ سان هڪ هاڪاري ميزبان، ادبي دانشور ۽ هڪ ثقافتي شخصيت جي طور تي پنهنجو تعلق سدائين قائم رکيو آهي. سندس ميزبانيءَ ۾ نشر ٿيندڙ علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام، يادگار مشاعرا ۽ ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن جا سوين انٽرويوز پي ٽي وي ڪراچيءَ جي نشرياتي تاريخ جو هڪ روشن، شانائتو ۽ فخر جوڳو باب سمجهيا وڃن ٿا. سندس ٻاجهارو ۽ مِٺو لهجو،  گهرو اڀياس، برجستا سوال ۽ مهمان کي ڀرپور اظهار جي موقعو ڏيڻ جو منفرد انداز کيس پي ٽي ويءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين معتبر ۽ مقبول ميزبانن جي قطار ۾ آڻي بيهاري ٿو، جن ميزبانيءَ کي رڳو پيشڪش نه پر هڪ ادبي ۽ تهذيبي فن جو درجو عطا ڪيو.

مون لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز، ڀاڳ ۽ سعادت کان گهٽ ڪونهي ته نصير مرزا منهنجن ڪيترن علمي ۽ ادبي پروگرامن، يادگار مشاعرن ۽ خصوصي نشرياتن جي ميزباني ڪئي. ساڻس گڏ ڪم ڪندي مون کي رڳو هڪ هاڪاري ميزبان کي ويجهڙ کان ڏسڻ جو موقعو ئي نه مليو، پر هڪ اهڙي علم واري ۽ اسلوب واري انسان کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو شرف به حاصل ٿيو، جنهن ميزبانيءَ کي وقار، مطالعي، شائستگي ۽ فڪري گهرائپ سان سلهاڙي ڇڏيو. هر پروگرام ۾ سندس تياري، برجستگي، مهمانن سان ڊائلاگ ڪرڻ جو ڍنگ ۽ ڏسندڙن تائين پنهنجي ڳالهه پهچائڻ جو فن مون لاءِ هڪ عملي درسگاهه بڻيو. مان بجا طور تي نصير مرزا کي پنهنجي محسن، رهبر ۽ هڪ اهڙو استاد سمجهندو آهيان، جنهن جي شفقت ۽ رهنمائي منهنجي تخليقي سفر جو هڪ اَڻ مَيو سرمايو آهي.

قلم، ڪتاب، آواز، لهجو، حاضر جوابي ۽ مسڪراهٽ نصيرمرزا جي سڃاڻپ ته آهن ئي آهن، پر هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو انهن مڙني حوالن کان اڳتي نڪري پنهنجي وجود سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس موجودگيءَ ڪنهن به ڪچهريءَ جو ڏيئو بنجي ويندي آهي، سندس گفتگوءَ ۾ ڪتابن جي خوشبوءِ رچيل هوندي آهي ۽ ڪڏهن سندس خاموشي به هڪ مڪمل جملو پئي لڳندي آهي.

مان زندگيءَ ۾ ڪيئي وڏا وڏا اديب ۽ ناليوارا شاعر ڏٺا آهن، علم ۽ ڏاهپ جو سمنڊ سڏرائيندڙ محققن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ ريرڊيو ۽ ٽيلي ويزن جي هاڪارين شخصيتن سان گڏ وقت گذاريو آهي، پر نصير مرزا ۾ جيڪا ڳالهه آهي، تنهن کي شايد ڪنهن هڪ وصف ۾ سمائي نه ٿو سگهجي، سندس شخصيت هڪ اهڙي نازڪ ۽ نفيس غزل جيان آهي، جنهن جي هر شعر جو لطف ئي ڪجهه ٻيو هوندو آهي، پر سڄو غزل گڏجي هڪ اهڙو جمال  تخليق ڪندو آهي، جنهن کي لفظن ۾ مڪمل طور تي قيد ڪري ئي نه ٿو سگهجي. پاڻ شاعر آهي ته لفظ سندس آڏو ٻَڌا ٻانها ٿيو بيٺا هوندا آهن. ڪالم نگار آهي ته روزاني جا واقعا به انساني احساسن جا چمڪاٽ پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. ريڊيو تي ڳالهائيندو آهي ته لڳندو آهي ته ڄڻ آواز به تهذيب جا ويس وڳا پاتا آهن ۽ ٽيلي ويزن تي ميزباني ڪندو آهي ته پوءِ ڳالهه ٻولهه رڳو سوال جواب ناهي رهندي، پر اها علم، محبت ۽ ادب جو هڪ سگهارو مڪالمو بنجي ويندي آهي پر انهن مڙني حوالن جي باوجود به جيڪڏهن ڪو مون کان پڇي ته نصير مرزا ڪير آهي ته مان اهو ئي جواب ڏيندس ته، ”هو هڪ تمام سٺو انسان آهي“ ۽ سچ ته اهو آهي ته سٺو انسان هجڻ، وڏي ليکڪ هجڻ کان به وڏو اعزاز آهي. ساڻس گڏ ويهڻ ڄڻ وقت جي گوڙ گهمسان کان ڪجهه گهڙيون اُڌاريون وٺڻ آهي. سندس ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابه ڪَڙاڻ ناهي هوندي، ڪا وڏائي ناهي هوندي ۽ ڪوبه ڏيکاءُ ويکاءُ ناهي هوندو. هو پنهنجي علم کي ڪڏهن به بار ٿيڻ ناهي ڏيندو. سندس لهجي ۾ سدائين هڪ اهڙي شائستگي رهندي آهي، جيڪا ٻڌندڙ جي دلين ۾ ادب ۽ احترام پيدا ڪندي آهي، تنهن ڪري سنڌ جي ادبي حلقن ۾ سندس ذڪر رڳو هڪ اديب جي طور تي نه، پر هڪ اهڙي دوست جي طور تي به ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪيترن ئي ماڻهن جو هٿ ورتو، کين همٿايو ۽ سندن ڪاميابين تي دل سان خوشي محسوس ڪئي.

مون کي سدائين ائين لڳندو آهي ته نصير مرزا جي اصل رهائش حيدرآباد ۾ نه، پر سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ آهي، جيتوڻيڪ سندس ڏس پتو ڪاغذ تي لکي سگهجي ٿو، پر سندس اصل تعارف انهن ماڻهن جي دعائن ۾ محفوظ آهي، جن کي هن ڪنهن ڏکئي گهڙيءَ ۾ حوصلو ڏنو هوندو، ڪنهن نئين لکندڙ کي رستو ڏيکاريو هوندو يا ڪنهن مايوس دل کي هڪ مسڪراهٽ عطا ڪئي هوندي. سچ ته اهڙا ماڻهو بنهه گهٽ هوندا آهن ۽ جڏهن گهٽ هوندا آهن ته پوءِ سندن قدر به وقت گذرڻ سان گڏ وڌندو ويندو آهي يعني بلڪل ايئن ئي جيئن ڪنهن پراڻي نم جي وڻ جي ڇانوَ هر گذرندڙ سال سان گڏ اڃان به گهڻي ٿڌي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. پاڻ جڏهن به ڪنهن سان ملندو آهي ته ائين محسوس ناهي ٿيندو ته هڪ هاڪاري اديب، شاعر، ميزبان ۽ براڊ ڪاسٽر آڏو ويٺو آهي. ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو ورهيه پراڻو دوست ملي ويو آهي، جيڪو توهان جي ڳالهه وڏي ڌيان سان ٻڌندو آهي، توهان جي لفظن جو احترام ڪندو آهي ۽ توهان جي ڪاميابيءَ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندو آهي.

ڪي ماڻهو ڪتاب لکندا آهن ته ڪي ماڻهو وري پاڻ هڪ ڪتاب هوندا آهن، نصير مرزا به هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ سندس لکيل ڪتاب يا لکڻيون ڪافي ناهن هونديون، پر ساڻس ڪجهه وقت  گذارڻ به ضروري هوندو آهي. مان سدائين اهو محسوس ڪيو آهي ته سندس شخصيت ۾ هڪ نرالي هم آهنگي آهي. سندس شاعر سندس نثر نويس سان ناهي وڙهندو، سندس براڊ ڪاسٽر سندس ميزبان کان اڳتي نه ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو ۽ سندس اديب سندس انسان تي ڪڏهن به غالب ناهي ايندو. سندس وجود جا اهي سڀ رنگ هڪ ٻئي ۾ ايئن ته گڏجي سڏجي ويا آهن، جيئن سنڌ جي ڪنهن شام ۾ لهندڙ سج جي روشني، سنڌوءَ جو پاڻي ۽ نم جي پنن جو سائو عڪس هڪ ئي منظر جوڙي وٺندا آهن.

سڀاڻي ويهين جولاءِ جي صبح جڏهن سندس زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سال جو واڌارو ڪندي ته اهو رڳو ڪئلينڊر جو هڪ نئون ورق ڪونه هوندو، پر هزارين اديبن ۽ شاعرن، دوستن، پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جي دعائن جو هڪ نئون باب پڻ هوندو. اسان سڀني جي دعا آهي ته نصير مرزا صاحب ايئن ئي مسڪرائيندو رهي، لکندو رهي، رهنمائي ڪندو رهي ۽ پنهنجي موجودگيءَ سان اسان جي ادبي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي روشن ڪندو رهي (آمين).

 

You might also like