پاڻي کوٽ، بدامني ۽ پريا ڪماري سميت مغوين جي بازيابي لاءِ عوامي تحريڪ جي نوشهروفيروز ۾ ريلي

نوشهروفيروز (پ ر)  سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، وڌندڙ مهانگائي، بدامني، لاقانونيت، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ رسول بخش پليجي جي ورسي جي جلسي گاهه لاءِ مختص پلاٽ جي حصي تي قبضي خلاف  عوامي تحريڪ طرفان نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي  ستار رند، خالد تنيو، حسين سومرو، سرمد راڄپر، لطيف ڀٽي، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، ستار عمراڻي، فريد ڪلھوڙو ، صدام سومرو، غلام قادر ڏاھري، سلام سومرو، علي نواز عالماڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ جا  آبادگار پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر ان جي باوجود پنجاب ۾ چشما-جهلم (سي جي) ۽ تونسا-پنجند (ٽي پي) لنڪ ڪئنالن ۾ زبردستي پاڻي وهائي سنڌ جي حصي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. 1991ع جي پاڻي معاهدي سميت ٻين بين الصوبائي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري پنجاب سرڪار سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا آهن. اڳواڻن چيو ته نيو جلال پور ڪئنال سميت اهڙا سڀ منصوبا جيڪي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ آندا ويا آهن سي سنڌي قوم قبول نه ڪندي. ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن ۽ ڪينالن جو ڪم فوري طور بند ڪيو وڃي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي زمينون ڏئي هارين ۽ آبادگارن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضا قبول نه ڪبا.اڳواڻن رسول بخش پليجي جي ورسي جي جلسي گاهه لاءِ مختص پلاٽ جي حصي تي ٿيل قبضي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته قبضي کي فوري طور ختم ڪري پلاٽ اصل حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ريلي جي شرڪت ڪندڙن پريا ڪماري سميت سمورن اغوا ٿيل نياڻين، ٻارن، نوجوانن ۽ ٻين مغوين جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائين ۽ هر مغوي کي بازياب ڪرائي. 28هين ترميم کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي هنن چيو ته هي ترميم سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آهي. جنهن کي سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي.

 

You might also like