واشنگٽن/اسلام آباد(شهباز گل)عائشه گلالئي، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ عمران خان خلاف اسٽيبلشمينٽ استعمال ڪيو هو، اڄ هنن ان کي فضل الرحمان جي خلاف استعمال ڪيو آهي. اها ڳالهه الڳ آهي ته جڏهن عائشه گلالئي کي عمران خان جي خلاف استعمال ڪيو ويو هو، ته تڏهن مولانا فضل الرحمان ان مان مزا ورتا هئا. پر اڄ اهو ئي جرنيلي ميزائيل مولانا فضل الرحمان تي فائر ڪيو ويو آهي. ان ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن جيڪي عام طور تي مرد به هڪٻئي بابت ناهن ڪندا، پر هڪ عورت ٿي عائشه گلالئي اهي ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به قومي ٽيليويزن تي نه ڪيون ويون آهن. گلالئي اهو به چيو ته هو ٻارن سان زيادتي ڪندو آهي،هن چيو ته جنرلن جا حلوا کائي کائي ٿلهو ٿيندڙ فضل الرحمان! تون سفاڪ آهين ۽ غلط ڪمن جو شوقين آهين. مان فضل الرحمان کي اسلامي مولوي نٿي مڃان. هن غدار شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين جي جيڪا توهين ڪئي آهي، ان تي پوري قوم سخت ڪاوڙ ۾ آهي. اها حرڪت ملڪ جو هڪ غدار ترين انسان ئي ڪري سگهي ٿوٻئي پاسي فضل الرحمان جي پارٽي مان شاهده اختر علي عائشه گلالئي کي جواب ڏنو آهي. هن چيو ته عائشه گلالئي پهريان پنهنجي حيثيت واضح ڪري ته هوءَ مرد آهي يا عورت. هن جي گندي ذهنيت ظاهر ڪري ٿي ته هن جي ذهن ۾ ڪهڙو لاوو پڪي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جڏهن به مولانا صاحب کي ڏٺو آهي، هو يا ته عبادت ڪندو آهي يا سياست. جيڪو به مولانا بابت اهڙي زبان استعمال ڪري ٿو، اهو پنهنجي ذهن جي عڪاسي ڪري ٿو.