ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراھ صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌو درياءَجي پاڻي تي وفاق جو قبضو آهي، سنڌ پنهنجو درياءُ بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي پر وفاق سدائين زبردستي غير قانوني ڪينالن ذريعي پاڻي چوري ڪندو رهيو آهي، جلال پور ڪينال غير قانوني منصوبو آھي، سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ بند ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌ کي 1995ع پاڻي ٺاھ مطابق پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌو درياءُ مان واري پئي اُڏامي، سنڌ جا فضل سُڪي رهيا آهن، سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ٺٽي ،سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ تيزي سان کائي رهيو آهي، جيڪڏهن مسلسل اهڙي صورتحال رهي ته سنڌ جا هي تاريخي شهر مڪمل طور تي سمنڊ جي ور چڙهي ختم ٿي ويندا، درياءُ کي بچائڻ لاءِ ست ڪروڙ سنڌين کي تاريخي جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏيان ٿو